جاگرافيائي بيهڪ سبب پاڪستان ۽ اومان فطري اتحادي آهن، ڪراچي،

گوادر ۽ مسقط جي وچ ۾ فيري سروس شروع ڪرڻ جي تجويز خوش آئنده آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي نئين باب جو آغاز ٿيندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

جاگرافيائي بيهڪ سبب پاڪستان ۽ اومان فطري اتحادي آهن، ڪراچي، 
گوادر ۽ مسقط جي وچ ۾ فيري سروس شروع ڪرڻ جي تجويز خوش آئنده آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي نئين باب جو آغاز ٿيندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته جاگرافيائي بيهڪ سبب پاڪستان ۽ اومان فطري اتحادي آهن، ڪراچي، گوادر ۽ مسقط جي وچ ۾ فيري سروس شروع ڪرڻ جي تجويز خوش آئنده آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي نئين باب جو آغاز ٿيندو، هي سروس انهن هنڌن تي باقاعدگي سان سفر ڪندڙ ماڻهن جي وڏي تعداد جي لاءِ اچ وچ جو سستو ۽ متبادل ذريعو فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه اومان جي اسٽيٽ ڪائونسل جي صدر ڊاڪٽر يحيٰ محفوظ سليم سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ قيادت سلطان قابوس بن سيد السيد ۽ اومان جي ڀائر عوام جو بي حد احترام ڪري ٿي. هن سلطان قابوس ۽ اومان جي ڀائر عوام جي لاءِ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان نيڪ خواهشون به پهچايون، هن چيو ته پاڪستان- خليج تعاون ڪائونسل آزاداڻي واپاري معاهدي جي حوالي سان حمايت ڪرڻ تي اومان جو ٿورائتو آهي. هن چيو ته پاڪستان خاص طور تي توانائي بابت منصوبن، بنيادي ڍانچي ۽ استعمال جي بنياد تي صنعت جي شعبن ۾ اومان طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو جيئن ته اسان جي موجوده سيڙپڪاري پاليسي سان سڌو سنئون سيڙپڪاري جي لاءِ سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاري دوست ماحول پيدا ٿيو آهي ۽ غير ملڪي ۽ مقامي سيڙپڪارن سان هڪجهڙي سلوڪ کي يقيني بڻايو پيو وڃي جڏهن ته وڏي منافعي جي شرح سان غير ملڪي سيڙپڪاري کي تحفظ حاصل آهي، وزيراعظم عوامي سطح تي رابطن تي ڳالهائيندي چيو ته اومان ۾ مختلف شعبن ۾ پاڪستاني برادري جو مناسب تعداد موجود آهي ۽ پاڪستان ميڊيسن، انجنيئرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، اڪائونٽينسي، تعليم ۽ فني ۽ ورڪرز سميت مختلف شعبن ۾ غير هنر مند ۽ پيشيوراڻي افرادي قوت فراهم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مهارت جي گڏيل مٽاسٽا مان به فائدو کڻي سگهن ٿا، اوماني وفد ۾ تعليم ۽ تحقيقي ڪميٽي جو ميمبر شيخ حامد محمد عبدالله المخيني، ڪلچر ميڊيا اينڊ ٽوررزم ڪميٽي جو ميمبر محمد احمد علي الرواس، اقتصادي ڪميٽي جو ميمبر ڊاڪٽر احمد سليمان صالح، سماجي ڪميٽي جو نائب چيئرمين وفا سالم علي الحراثي ۽ سماجي ڪميٽي جو ميمبر ڊاڪٽر عائشه احمد يوسف شامل هئا. ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني، سينيٽر تاج حيدر ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا. اي پي پي/ص – ج/ر – م 14:52