گذريل سالن جي دوران پاڪستان جي اقتصادي واڌ ويجهه جي شرح 4.48 کان وڌيڪ رهي آهي،ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ وڏا سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن،

ڪرغزستان ۽ پاڪستان وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون (ڪاريڪ) جا ميمبر هجڻ جي ناطي خطي ۾ ٽرانسپورٽ، توانائي، واپاري پاليسي ۽ غربت گهٽائڻ ۾ سهولت جي چار ترجيحي شعبن ۾ هدف حاصل ڪري سگهن ٿا: وزيراعظم محمد نواز شريف

گذريل سالن جي دوران پاڪستان جي اقتصادي واڌ ويجهه جي شرح 4.48 کان وڌيڪ رهي آهي،ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ وڏا سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن،
ڪرغزستان ۽ پاڪستان وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون (ڪاريڪ) جا ميمبر هجڻ جي ناطي خطي ۾ ٽرانسپورٽ، توانائي، واپاري پاليسي ۽ غربت گهٽائڻ ۾ سهولت جي چار ترجيحي شعبن ۾ هدف حاصل ڪري سگهن ٿا: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن جي دوران پاڪستان جي اقتصادي واڌ ويجهه جي شرح 4.48 کان وڌيڪ رهي آهي ۽ هاڻي هو غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ وڏا سيڙپڪاري جا موقعا پيش ڪري ٿو، ڪرغزستان ۽ پاڪستان وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون (ڪاريڪ) جا ميمبر هجڻ جي ناطي خطي ۾ ٽرانسپورٽ، توانائي، واپاري پاليسي ۽ غربت گهٽائڻ ۾ سهولت جي چار ترجيحي شعبن ۾ هدف حاصل ڪري سگهن ٿا. هن اها ڳالهه جمهوريه ڪرغزستان جي اقتصادي واري وزير جوشيوارزيبڪ ۽ زوبيڪوچ جي قيادت ۾ ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم ڪرغز وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان اهم اصلاحاتي پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد مالياتي استحڪام، مقامي وسيلن جي تحريڪ، سبسڊيز کي مرحليوار ختم ڪرڻ، بجلي ۽ ٻين سرڪاري شعبن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ سماجي تحفظ جي نظام کي سگهه ڏيڻ آهي، هن چيو علائقائي مواصلاتي رابطن جو فروغ پاڪستان جي حڪومت جي ترقياتي حڪمت عملي جي ستن ٿنڀن مان هڪ آهي ۽ حڪومت ان قدم جي سرگرمي سان پيروي ڪري رهي آهي. جيڪا ايشيا ۾ ترقي جي ٽن محرڪن ڏکڻ ايشيا، چين ۽ وچ ايشيا کي هم آهنگ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ٻه طرفي لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪرغزستان حڪومت جي ترقي پسند پاليسين کي ساراهي ٿو، پاڪستان جي عوام ڪرغزستان جي ترقي کي ڏسي خوش آهي. هن چيو ته ڪرغزستان ۽ پاڪستان وچ ايشيا علائقائي اقتصادي تعاون (ڪاريڪ) جا ميمبر آهن ۽ هو خطي ۾ ٽرانسپورٽ، توانائي، واپاري پاليسي ۽ غربت گهٽائڻ ۾ سهولت جي چار ترجيحي شعبن ۾ ”ڪاريڪ“ جا هدف حاصل ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ ”ڪاسا 1000“ جو ڪردار اهم آهي، هي منصوبو اطمينان بخش انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ 5 کان 8 ڊسمبر 2016ع تي دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل ورڪنگ گروپ جي تازي اجلاس ۾ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا ويا جنهن سان منصوبي جي بروقت تڪميل يقيني ٿيندي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي واپار جو موجوده ماپو وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪ ڪرغزستان گڏيل وزارتي ڪميشن ٻه طرفي واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۾ معاون ثابت ٿيندو، هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪ ڪرغزستان گڏيل وزارتي ڪميشن 1994ع ۾ قائم ٿيو هو ۽ 2011ع کان 2016ع تائين ٻه طرفي واپار جو ماپو 5.57 ملين ڊالر رهيو. اي پي پي/ص – ج/ر – م 13:26