مريم اورنگزيب پاران سنڌ جي گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مريم اورنگزيب پاران سنڌ جي گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. اي پي پي/ع – ک 19:41