صدر پاران سنڌ جي گورنر سعيدالزمان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

صدر پاران سنڌ جي گورنر سعيدالزمان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) صدر ممنون حسين سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته مرحوم جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي آئين جي بالادستي کي سدائين مٿانهون رکيو ۽ سندس خدمتن کي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان ياد رکيو ويندو. صدر مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. اي پي پي/ع – ک 19:40