اطلاعات ۽ نشريات واري مملتڪي وزير مريم اورنگزيب جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه

اطلاعات ۽ نشريات واري مملتڪي وزير مريم اورنگزيب جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد جي اسڪولن جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ وزيراعظم پاران 200 بسن جي تحفي تي شهر جي رهواسين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي به مبارڪباد هجي اڄ هڪ ٻيو ڦيٿو ڪٽجي ويو آهي، آئنده به عوام لاءِ فلاحي ۽ ترقياتي منصوبن جا ڦيٿا ڪٽجندا رهندا، خان صاحب توهان پاناما ڪيس کانپوءِ ڇا ڪندا ڇو ته توهان جي سياست ڪٽجي رهي آهي، عدالت ٻاهران عدالت هڻندڙن وٽ مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ايندو، اڃا به وقت آهي ته سبق سکو ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪريو. ڪالهه اربع ڏينهن هتي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اعليٰ عدليه ۾ اسان جي وڪيلن دليل شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اعليٰ عدليه کي سمورا ثبوت پيش ڪيا ويندا ڇو ته جيئن ته وزيراعظم چيو هو ته جڏهن به ڪو مستنند فورم قائم ٿيندو ته اتي سمورا دستاويز پيش ڪيا ويندا، خان صاحب توهان جيڪي پارليامينٽ ۾ دستاويز لهرايا ۽ چيو ته هي آهن ثبوت، اهي ڪيڏانهن ويا، هاڻي چئو ٿا ته پاناما کي هڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ وزيراعظم جي تقرير تي ڳالهه ڪريو. مملڪتي وزير اسلام آباد جي رهواسين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف پهريون ڀيرو انهن جي ٻارن لاءِ وزيراعظم تعيلمي سڌارا پروگرام تحت اسڪولن جي لاءِ 200 بسن جو تحفو ڏنو آهي جنهن سان اسڪول ويندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين کي اچڻ وڃڻ ۾ آساني ٿيندي. مملڪتي وزير عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان کي مبارڪباد هجي اڄ هڪ ٻيو ڦيٿو ڪٽجي ويو آهي ۽ ايندڙ ڏيڍ سال دوران ٻيا به ڦيٿا ڪٽبا جڏهن ته توهان پاناما پيپرز کانپوءِ ڇا ڪندا. مملڪتي وزير چيو ته هڪ طرف عدالت آهي ۽ ٻئي طرف توهان جي ڪوڙي انتشاري ۽ احتجاجي سياست جيڪا توهان ڪنٽينر تي هڻو ٿا. هن عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته هڪ الله تعاليٰ جي عدالت به آهي توهان ان کي نه وساريو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي سچ ڳالهائڻ جي توفيق عطا فرمائي. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان صاحب اڃا به توهان جي لاءِ سکڻ جو وقت آهي ڇو ته توهان خيبرپختونخواهه جي عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا ۽ جيڪو ڪجهه ٽن سالن ۾ خيبرپختونخواهه جي عوام سان ڪيو آهي عمران خان ان جي تياري ڪري ڇو ته هو عوام جي عدالت کان بچي نه سگهندو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 18:16