سينيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن جي تبديلي جي عمل ۾ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو: خواجه سعد رفيق

سينيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن جي تبديلي جي عمل ۾ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو: خواجه سعد رفيق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته سينيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن جي تبديلي جي عمل ۾ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته سينيٽ جا قاعدا ۽ ضابطا تبديل ڪيا ويا پر حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. هن چيو ته اڳ ۾ اهو ٿيندو هو ته وزير ۽ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين گڏيل مشاروت سان ايجنڊا جوڙيندا هئا پر هاڻي ان مشاورت جي عمل ۾ وزيرن کي شامل نه ٿو ڪيو وڃي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:31