گذريل ٽن سالن دوران ٽرينن جا 25 خطرناڪ حادثا ٿيا: وفاقي وزير خواجه سعد رفيق

گذريل ٽن سالن دوران ٽرينن جا 25 خطرناڪ حادثا ٿيا: وفاقي وزير خواجه سعد رفيق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته گذريل ٽن سالن دوران ٽرينن جا 25 خطرناڪ حادثا ٿيا، حادثن جي ذميوارن کي سخت سزائون ڏنيون وينديون، انساني جانين سان کيڏندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ٿو ڪري سگهجي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر طلحيٰ محمود جي سوال جي جواب ۾ ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته ريلوي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آهن، موجوده پاليسي موجب ٽرينن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن ۽ ريلوي عملي جو مڪمل بيمو هوندو آهي. هن چيو ته حادثن جي ذميوارن جي لاءِ سزائون سخت ڪيون وينديون، حادثي جي صورت ۾ مارجي ويندڙن جي وارثن ۽ زخمين کي معاوضو ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته لانڍي حادثي جو ذميوار ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور هن وقت ضمانت تي آهن، انهن جي ضمانت ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، مئي 2013ع کان 31 ڊسمبر 2016ع جي وچ ۾ ٿيندڙ 25 خطرناڪ حادثن مان 17 حادثا ريلوي ملازمن جي غلطين سبب ٿيا، 7 حادثا دهشتگردي جڏهن ته هڪ حادثو قدرتي آفت سبب ٿيو. هن چيو ته ريلوي ملازمن جي غلطين سبب پيش ايندڙ حادثن ۾ 94 ماڻهو مارجي ويا ۽ 413 زخمي ٿيا. هن چيو ته هاڻي ڊرائيورز، اسسٽنٽ ڊرائيورز ۽ گارڊز جي مڪمل ميڊيڪل ٽيسٽ باقاعدگي سان ٿيندي. انساني جانين سان کيڏندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ٿو ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ جيڪڏهن هڙتال به ڪئي وڃي ٿي ته اسان کي ان جي پرواهه نه آهي. هن چيو ته ريلوي سگنلز جيڪي اڳ ۾ گاسليٽ سان هلايا ويندا هئا هاڻي انهن کي ايل اي ڊي تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سکر ڊويزن جي 24 مان 23 ريلوي اسٽيشنن جڏهن ته لوڌران خانيوال سيڪشن جي ڪيترين ئي ريلوي اسٽيشنن کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح باقي ريلوي اسٽيشنن کي به ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويندو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:24