حڪومت نئين نسل کي خاص طور تي معياري ۽ جديد تعليم جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

حڪومت نئين نسل کي خاص طور تي معياري ۽ جديد تعليم جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ٻارن کي پاڪستان جو مستقبل ۽ معمار قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت نئين نسل کي خاص طور تي معياري ۽ جديد تعليم جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ کي خوبصورت، خوشحال ۽ مضبوط بڻائينداسين، ٻار معصوم ۽ اندر جا سچا هوندا آهن، قوم جا نونهال منهنجي جان آهن ۽ مون کي انهن تي فخر آهي انهن کي هر ممڪن بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. ڪالهه اربع ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ وزيراعظم تعليمي سڌارن واري پروگرام تحت اسلام آباد جي اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت جي حوالي سان نئين بسن جي فراهمي واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ٻار پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ مستقبل جا معمار آهن، ٻار انشاءَ الله پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا، اسان جيڪو ڪجهه پنهنجي ملڪ لاءِ ڪري رهيا آهيون ٻار ان کان 100 سيڪڙو وڌيڪ ڪندا ان لاءِ اسان چاهيون ٿا ته هر اسڪول خوبصورت هجي اتي بهترين ماحول هجي ۽ ٻارن کي سموريون سهولتون دستياب هجن. وزيراعظم چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي جو معيار سٺو هجڻ گهرجي جڏهن ٻار اسڪول داخل ٿيندا ته خوش ٿين. هن چيو ته ٻار اسڪول اچي خوشي محسوس ڪن ۽ اسڪول ايندي وقت اعليٰ معيار جي بسن مان به لطف اندوز ٿين. وزيراعظم يقين ظاهر ڪيو ته اسان ۽ توهان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ کي خوبصورت بڻائينداسين ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ رهندي ۽ ٻاهرئين ملڪ ۾ اچڻ وڃڻ وقت فخر محسوس ٿيندو. هن چيو ته مون مريم نواز شريف کي هدايت ڪئي هئي ته اسلام آباد جي سمورن 422 اسڪولن جون عمارتون بهترين هجڻ گهرجن جڏهن ته انهن اسڪولن ۾ تعليم جو انتظام به بهترين هجڻ گهرجي. هن چيو ته مون ان حوالي سان ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري کي به چيو هو ته تعليم جو معيار بهترين هجي ۽ ٻارن کي داخلا ميرٽ تي ملي جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ استادن جي مقرري به ميرٽ تي هجڻ گهرجي ۽ سڄو ڪم ميرٽ تي هجڻ گهرجي. هن چيو ته سمورن اسڪولن جي لاءِ هڪ، هڪ بس لازمي هجڻ گهرجي ته جيئن ٻارن کي اسڪول اچڻ وڃڻ ۾ سهولت ملي. وزيراعظم چيو ته پروگرام تحت وڌيڪ 200 بسن جي خريداري جو فوري انتظام ڪيو وڃي ته جيئن ٻارن کي ٽرانسپورٽ جي سهولت جلد کان جلد ملي سگهي. هن چيو ته ڳوٺاڻن علائقن جي ٻارن ۽ ٻارڙين کي ان حوالي سان خصوصي اهميت ڏني وڃي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد کي ملڪ جو ماڊل سٽي بڻجڻ گهرجي ان کانسواءِ اسلام آباد جا ٻيا معاملا به بهتر بڻائڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد جي ميئر کي خصوصي هدايت ڪئي وئي آهي ته شهر جي رستن، اسٽريٽ لائيٽس جي بهتري ۽ شهر کي صاف سٿرو بڻائڻ جي لاءِ خصوصي انتظام ڪيا وڃن ۽ اسلام آباد کي هڪ صاف سٿرو ۽ ماڊل شهر بڻايو وڃي. هن چيو ته شهر سان گڏوگڏ ڀرپاسي وارن علائقن تي به خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن انهن جا مسئلا ختم ڪري سگهجن. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته بهاره ڪهو جي علائقي ۾ هڪ باءِ پاس ٺاهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسڪول اچڻ وڃڻ دوران ٻارن جو قيمتي وقت ضايع نه ٿئي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ وقت ۾ اسلام آباد دنيا جو خوبصورت ترين شهر بڻجي ويندو. هن چيو ته وزيراعظم ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام تحت مريم نوازشريف وفاقي گادي واري شهر جي ٻارن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ اسپيشل ٻارن تي به خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن اسپيشل ٻارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ ان کي قدر جوڳو قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته سمورا ٻار سندس دل جي ڌڙڪن آهن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اسان سڀ گڏجي مختلف اسڪول ۾ وينداسين ته جيئن پڙهائي جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي، آئون پاڻ ٻارن سان اسڪول ۾ اچي ملندس. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سمورن ٻارن ۽ انهن جي والدين کي خوشيون نصيب ڪري ۽ اسان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ پاڪستان جي خدمت جاري رکون. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ اسان کي پنهنجي ملڪ جي خدمت جي توفيق عطا فرمائي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سڀني ٻارن کي گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ وارو بڻائي. پروگرام جي آخر ۾ وزيراعظم ٻارن سان گڏجي بس جي ماڊل وارو تيار ڪيل خصوصي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ۽ اسڪول بسن جون چاٻيون ٻارن جي حوالي ڪيون. تقريب ۾ وزيراعظم جي ڌيءَ مريم نواز شريف، اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي مريم اورنگزيب، ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ اعليٰ عملدارن سميت، اسڪولن جي ٻارن، خصوصي ٻارن، استادن ۽ شاگردن جي والدين وڏي انگ شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:38