سينيٽ چيئرمين چوڌري نثار کي اعتزاز احسن جي ڳالهائڻ کانپوءِ وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو

سينيٽ چيئرمين چوڌري نثار کي اعتزاز احسن جي ڳالهائڻ کانپوءِ وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10جنوری2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني گهرو وزير چوڌري نثار علي خان کي مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن جي ڳالهائڻ کانپوءِ وڌيڪ ڳالهه ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، چيئرمين جي چوڻ تي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پنهنجي ڳالهه مختصر ڪري ڇڏي جڏهن ته هن چيو ته جواب ڏيڻ منهنجو حق آهي پر توهان جي احترام ۾ وڌيڪ نه ٿو ڳالهايان. ان کان اڳ مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو ته اغوا ڪيل ماڻهن جي حوالي سان قوم ۾ تمام گهڻي ڳڻتي آهي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 19:31