روز نئين ڪهاڻي روز نئون ڪوڙ، ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي: مريم اورنگزيب

روز نئين ڪهاڻي روز نئون ڪوڙ، ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10جنوری2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته روز نئين ڪهاڻي روز نئون ڪوڙ، ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي، اڄ عدالت ۾ عمران خان حيران ڪري ڇڏيو، سندس وڪيل چوي ٿو ته پاناما کي هڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي تقرير تي ڳالهايو، اسان ڪيس وڙهڻ آيا هئاسين پاناما جو ۽ جواب ڏئي رهيا آهيون پارليامينٽ ۾ تقرير جو، خان صاحب توهان سدائين وانگر ڪوڙ ڳالهايو، الزام هنيو، احتجاجي ۽ انتشاري سياست ڪئي، هن ڀيري توهان کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، هن ملڪ ۾ هتڪ عزت جا قانون موجود آهن، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو، توهان ڪوڙ ڇو ڳالهايو، توهان ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم تي الزام ڇو هنيو، قانوني عدالت ۾ توهان جواب نه ڏئي سگهيا پر عوام جي عدالت ۾ توهان کي جواب ڏيڻو پوندو، محمد نوازشريف پاڪستان جو ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم آهي ۽ سندس سياست رڳو سچائي ۽ قوم جي خدمت تي ٻڌل آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ جو موقف اڄ عدالت ۾ اهو هو ته پاناما پيپرزڪيس کي هڪ طرف رکو ۽ وزيراعظم جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير تي ڌيان ڏنو وڃي، هو پاناما ڪيس وڙهڻ آيا هئا جنهن سان وزيراعظم جو ڪو تعلق نه هو ۽ اهو ئي موقف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف جو آهي. مملڪتي وزير چيو ته عدالتون ثبوتن تي فيصلا ٻڌائين ٿيون پر عمران خان کي عادت آهي ته هو عدالت ٻاهران هڪ عدالت هڻي ٿو ۽ ان ۾ ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ پاڪستان جي ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته عمران خان کي خبر هجڻ گهرجي ته اها ڳالهه هاڻي هتي نه رڪجندي، اڄ توهان عدالت ۾ چئو ٿا ته پاناما کي وساري ڇڏيو ۽ پاناما پيپرز تي به عمران خان گذريل 10 مهينا پاڪستان جي ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ان جو جواب ڪير ڏيندو، هن پاڪستان جي ترقي جو سفر روڪيو ان جو جواب ڪير ڏيندو، رستن تي جيڪو انتشار پکيڙيو ان جو جواب ڪير ڏيندو، عمران خان خيبرپختونخواهه جي عوام سان ڪيل واعدا ٽن سالن ۾ پورا نه ڪيا ان جو جواب ڪير ڏيندو. مريم اورنگزيب چيو ته هاڻي توهان پاناما پيپرز کي وساريندا پر اسان نه وسارينداسين ڇو ته توهان پاناما پيپرز تي جيڪا سياست ڪئي آهي، جيڪي ڪوڙ ڳالهايا ۽ الزام هنيا آهن انهن جو جواب عوام آڏوڏيڻو پوندو. هن عمران خان کي پيغام ڏنو ته ميان محمد نواز شريف پاڪستان جو ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم آهي ڇو ته وزيراعظم جي سياست صرف سچائي ۽ پاڪستان جي قوم جي خدمت تي ٻڌل آهي، ميان محمد نواز شريف جي سياست ڪوڙ، الزامن ۽ احتجاج جي سياست تي ٻڌل نه آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي هڪ ڀيرو ٻيهر مايوسي ٿيندي جڏهن ته هن ڀيري مختلف انداز ۾ ٿيندي. عمران خان ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪري کيس ڀڄڻ نه ڏنو ويندو. هن ملڪ ۾ هتڪ عزت جا قانون موجود آهن توهان جي بيوقوفي سبب اسان توهان کي گذريل ڀيري به معاف ڪري ڇڏيو ڇو ته توهان سياست ۾ نئون نئون قدم رکيو هو، هن چيو ته عمران خان کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي، هاڻي کيس هتڪ عزت جي قانونن کي منهن ڏيڻو پوندو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 19:27