وفاقي گادي واري شهر ۽ ڀرپاسي چئن ماڻهن جي اغوا ٿيڻ جي واقعن جي جاچ جاري آهي، ڪجهه ثبوت سامهون آيا آهن جن کي وقت کان اڳ ظاهر ڪرڻ سان جاچ تي اثر پوندو، پنجاب حڪومت به انهن واقعن جي جاچ ڪري رهي آهي،. جاچ کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان

وفاقي گادي واري شهر ۽ ڀرپاسي چئن ماڻهن جي اغوا ٿيڻ جي واقعن جي جاچ جاري آهي، ڪجهه ثبوت سامهون آيا آهن جن کي وقت کان اڳ ظاهر ڪرڻ سان جاچ تي اثر پوندو، پنجاب حڪومت به انهن واقعن جي جاچ ڪري رهي آهي،. جاچ کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10جنوری2016ء) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر ۽ ڀرپاسي چئن ماڻهن جي اغوا ٿيڻ جي واقعن جي جاچ جاري آهي، ڪجهه ثبوت سامهون آيا آهن جن کي وقت کان اڳ ظاهر ڪرڻ سان جاچ تي اثر پوندو، پنجاب حڪومت به انهن واقعن جي جاچ ڪري رهي آهي،. جاچ کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، پهرين ترجيح انهن ماڻهن جي حفاظت سان واپسي آهي، ڪنهن کي گم ڪرڻ جي پاليسي نه حڪومت جي آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه برداشت ڪئي ويندي، تمام گهڻيون خرابيون ان دور جون آهن جڏهن پاليسيون ڪٿي ٻئي هنڌ ٺهنديون هيون، سياسي تقريرن ۽ پوائنٽ اسڪورنگ ڪندي وفاق ۽ صوبن جي دائري کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، 11 سالن کانپوءِ دهشتگردي جا سڀ کان گهٽ واقعا 2016 ۾ ٿيا آهن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي سميت مختلف معاملن تي گهرو وزارت ۾ 142 کان وڌيڪ اجلاس ٿيا جڏهن ته وزيراعظم هائوس ۾ 44 اجلاس ٿيا، سڄي دنيا ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ گهٽ ٿي رهي آهي، اهو سڀني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، مون بابت ڳالهه ڪندڙن کي جواب جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته حڪومتون ٺهنديون رهنديون آهن، ڪنهن کي سدائين حڪومت ۾ ناهي رهڻو، اسان کي اشوز تي سياست ۽ پارٽي وابستگي کي هڪ طرف رکي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ماضي ۾ اها ئي روايت رهي آهي، قومي اسيمبلي ميمبر سينيٽ ۾ اچي پڇاڻو ڪندا هئا، هتان جي ڳالهه ٻولهه مان سکندا هئا، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻئي جمهوري ايوان آهن پر هن ايوان جي پنهنجي روايت آهي، موجوده چيئرمين سينيٽ جي مقصد کي صحيح ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته اڃا به تمام گهڻي گنجائش آهي جنهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي مخالف ڌر داد ڏي اها ساراهه جوڳي آهي ۽ ان عهدي جي لاءِ وڌيڪ موزون آهي. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اغوا جا واقعا ٿيا انهن ۾ هڪ واقعو اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ هڪ شخص کي اغوا ڪيو ويو جڏهن ته ٻه واقعا پنجاب ۾ ٿيا جن ۾ ٽن ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، پنجاب حڪومت به رابطو ڪري معلومات حاصل ڪئي آهي، پنجاب ۾ ٽي ماڻهو اغوا ٿيا آهن، واقعا ٻه آهن ڇو ته ٻه ماڻهو گڏ هئا، ان لاءِ هڪ ايف آءِ آر ٿي، اهو 6 جنوري جو واقعو آهي، ڪرال چوڪ کان اڳيان ان جي گاڏي کي روڪيو ويو، جن ماڻهن گاڏي کي روڪيو اهي سڃاتل هئا يا اجنبي ان جي خبر ناهي پئجي سگهي، ٻيهر انهن کي 8:20 تي سائيڊ تي وٺي ويا، انهن جي فون تان ڪلاڪ کانپوءِ انهن جي گهر فون آئي جنهن تي تسلي ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته انهن جي گاڏي فلاڻي جاءِ تي بيٺل آهي اتان واپس گهرائي وڃي جنهن تي گهر وارن کي شڪ ٿيو ۽ پوليس کي اطلاع ڏني وئي، سيف سٽي جي منصوبي کان مدد ورتي وئي، اهو اسلام آباد جو منصوبو هو پر چيني ڪمپنين کي قائل ڪري ان ئي قيمت تي مون ڪجهه ڪئميرا راولپندي جي حدن ۾ به لڳرايا، ان سان حيدر نالي ماڻهو جي گاڏي جي هڪ ٻي گاڏي ذريعي پيڇو ڪرڻ جي خبر پئي، مون پاڻ انٽيليجنس ايجنسين جي سوين ماڻهن سان ڳالهايو آهي جيڪي ان واقعي ۾ ملوث آهن، انهن جو پتو لڳائڻ جي لاءِ اسان تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن، اعليٰ پوليس آفيسرن کي سندن گهرڀاتين جي گهر موڪليو، يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت ان ڪڌي ڏوهه جي پٺيان لڪل جيڪي به ماڻهو آهن انهن جو پيڇو ڪندي. پهريون مقصد پروفيسر کي گهر واپس آڻڻ آهي، ڪجهه شاهديون آهن، ڪجهه اهڙيون شيون آهن جن کي وقت کان اڳ ظاهر ڪرڻ سان جاچ تي اثر پوندو، جاچ صحيح رخ ۾ اڳيان وڌي رهي آهي، ٻنهي واقعن جو ظاهري طور تي ڪو پاڻ ۾ تعلق نه آهي پر اغوا کانپوءِ اغوا ٿيندڙ ماڻهو جو ميسيج آيو ته منهنجو ليپ ٽاپ گهر ايندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيو آئون ڪجهه ماڻهن کي موڪلي رهيو آهيان، گهر وارن ليپ ٽاپ حوالي ڪري ڇڏيو، انهن ماڻهن کي ٽوپيون پاتل هيون ليپ ٽاپ کڻي واپس هليا ويا. يقين ڏياريان ٿو ته جاچ کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين پر پهريون مقصد انهن جي خيريت سان واپسي آهي جنهن ڏينهن کان مون ذميواري سنڀالي آهي مون حڪومت جي پاليسي واضح ڪئي آهي ته گم ڪرڻ جي پاليسي حڪومت جي نه آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه برداشت ڪنداسين. ڪيترن ئي گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳايو ويو آهي. ساڍن ٽن سالن ۾ ڪجهه سرحد پار هئا، ڪجهه واپس موڪليا ويا جتي اهي هئا، 2002ع کان 2008ع تائين اهڙا واقعا ٿيندا رهيا، ڪيتريون ئي خرابيون ان دور جي پيداوار آهن ان وقت پاليسي ڪٿي ٻئي هنڌ ٺهندي هئي هاڻي پاليسيون هنن ايوان ۾ ٺهن ٿيون، پاڪستان جمهوري ملڪ آهي، انهن ماڻهن جي بازيابي جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ۽ هن ايوان کي باخبر رکنداسين. گهرو وزير چيو ته هن ايوان کي نيشنل ايڪشن پلان ۽ قومي سيڪيورٽي جي حوالي سان چار تفصيلي بريفنگ ڏنيون آهن، رڪارڊ ڏسي وٺو مون هر هڪ کي کلي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو، آئون تڏهن ڳالهائڻ لاءِ اٿي بيٺس جڏهن ٻئي طرف کان تقريرون مڪمل ڪيون ويون. مون چيو ته جيڪڏهن ڪو پوءِ به سوال ڪرڻ چاهي ٿو ته لکي ڏي ۽ ان جو به جواب ڏنو، جڏهن بعد ۾ آئون هن ايوان ۾ نه هئس ته هڪ صاحب اٿي بيهي اعتراض ڪيو، ڪاش اسان ۾ ايتري اخلاقي جرئت هجي جو موجودگي ۾ ڳالهه ڪريون جيڪا پارلياماني روايت به آهي. اسان قانونساز ادارن جا ميمبر ۽ باخبر ماڻهو آهيون، اسان کي وفاق ۽ صوبن جي دائري جو پتو هجڻ گهرجي، سياسي تقريرون ۽ پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ وقت ان دائري جو تعين ڪيو وڃي ته پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ حقيقتن کي مسخ ڪرڻ ڪنهن ميمبر جي شان وٽان نه آهي. آئين ۾ صوبائي خودمختياري جون حدون آهن، سينيٽ چيئرمين ان جي داعي آهي، مون ساڍا ٽي سال ڪنڌ هيٺ ڪري انٽرنل سيڪيورٽي پاليسي جي حوالي سان ڪم ڪيو آهي، ڪڏهن سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ناهي ڪئي، هڪ سياسي پارٽي جيڪا سنڌ ۾ آهي ان جي حوالي سان بيان هلندا رهندا آهن پر سنڌ حڪومت ۽ ڪي پي ڪي حڪومت سان منهنجو ورڪنگ رليشن شپ موجود آهي، 23 جولاءِ 2013ع تي مون ڪراچي جو پهريون دورو ڪيو، رينجرز هيڊڪوارٽر ويس ان کانپوءِ سنڌ هائوس وڃي وڏي وزير ۽ ٻين سياسي اڳواڻن سان مليس، مون وڏي وزير کي چيو ته اسان گڏجي هلنداسين ۽ چيو ته جيڪي مثبت پوائنٽ هوندا اهي توهان جا هوندا. شايد اها منهنجي غلطي هئي، فاروق ستار ڪراچي کي فوج جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، مون چيو ته سول آرمڊ فورسز کي ذميواري ڏني ويندي، وڏو وزير ڪپتان هوندو، بعد ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، سياست کي هڪ طرف رکي وفاق ۽ صوبي ڪراچي آپريشن شروع ڪيو، تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي، وفاقي حڪومت وٽ ڪهڙو اختيار آهي جنهن تحت هو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ انٽيليجنس شيئرنگ کانسواءِ آپريشن ڪري سگهي ٿي. جيتري انٽيليجنس شيئرنگ اسان جي دور ۾ ٿي آهي اڳ ۾ تاريخ ۾ ناهي ناهي ٿي. پنجاب جو وڏو وزير گلا ڪندو آهي ته شڪارپور واقعي کانپوءِ 15، 20 ڏينهن ۾ اسان منطقي انجام تائين پهچي وياسين، آءِ بي جي آفيسر کي مبارڪباد جي لاءِ فون ڪيو ته هن چيو ته اها توهان جي ڪاميابي آهي جنهن اسان کي سياسي ڪم بدران اصل ڪم تي لڳايو، مخالف ڌر جو مقصد مون کي نشانو بڻائڻ آهي، ڪنهن کي نظر نه اچي ته آئون ڇا ٿو چئي سگهان ۽ ڪير ڏينهن کي رات چوي ته ان کي ڪيئن قائل ڪري سگهجي ٿو. سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جو گراف مٿي وڃي رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ هيٺ، منهنجي ڪارڪردگي جي ڀيٽ اڳوڻين حڪومتن سان ڪرائي وڃي، 2005ع کانپوءِ گذريل سال سڀ کان گهٽ دهشتگرد حملا ٿيا، ان سال 11 سالن ۾ پهريون ڀيرو دهشتگردي جا واقعا هزار کان گهٽ ٿيا آهن، اهي زيرو هجڻ گهرجن پر جيڪو ٿيو آهي ان کي مڃيو ته سهي. مون ته اڄ تائين ڪي پي ڪي يا سنڌ حڪومت تي ڪو الزام ناهي هنيو، قائم علي شاهه تي جڏهن الزامن جي ڀرمار ٿي ته مون ان جي حق ۾ بيان ڏنو، دهشتگرد ته افراتفري چاهين ٿا، اسان کي عزم ۽ اتحاد جي ضرورت آهي، مون ان جي ڪوشش ڪئي، مشرف دور ۾ سيڪيورٽي تي وزارت ۾ ڪو اجلاس نه ٿيو، مون 1042 اجلاس ڪيا، گهرو وزارت ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي وزيراعظم هائوس ۾ سيڪيورٽي تي 42 اجلاس ٿيا، دنيا ۾ دهشتگردي تي ڪنٽرول نه ٿي رهيو آهي، اسان کي بيشڪ ڪريڊت نه ڏيو پر پاڪستان ۾ جيڪو امن آيو آهي ان کي خراب نه ڪريو. رڳو فوجي آپريشن سان دهشتگردي ختم ناهي ٿيندي، ڏکڻ وزيرستان، سوات ۾ آپريشن ٿيا ان جي نتيجي ۾ جيڪو ردعمل پاڪستان ۾ آيو اهو خوفناڪ هو، روزانو 5، 6 حملا ٿيندا هئا، اسان ان جو ازالو ڪهڙي طرح ڪيو، سڀني جي آڏو آهي، اهو سڀ گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي ته تمام وڏو مسئلو حل ٿيو، سڀ کان وڏي قرباني فوج جي آهي جنهن ڏکڻ وزيرستان کي ڪليئر ڪيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي ڪاميابين کي دنيا ۾ مڃيو پيو وڃي، مون بابت ذاتي ڳالهيون ڪيون ويون، ڳالهائڻ وقت حقيقتن کي سامهون رکڻ گهرجي، مون چيو ته ڪميشن جي رپورٽ تي سپريم ڪورٽ ۾ تفصيلي جواب ڏيندس، سپريم ڪورٽ کي ان رپورٽ جو جائزو وٺڻو آهي، مون کي ٻڌڻ کانسواءِ هڪ فيصلو ڏنو ويو، ڇا اهو چوڻ منهنجو آئيني حق نه آهي، مون چيو ته ڪوئيٽا جي حوالي سان مون کان سوال نه ڪيو ويو، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته 19 تاريخ تي پنهنجو موقف سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندس ۽ پنهنجي ڪارڪردگي به. ڇا اهو منهنجو حق نه آهي ته پنهنجوموقف ڏيان، 7 رڪني بئنچ 2012ع ۾ هڪ فيصلو ڏنو، منهنجي خلاف هن ايوان ۾ تقريرون ڪندڙن چيو ته اهو غيرآئيني فيصلو آهي، مون وٽ سڄو رڪارڊ موجود آهي، اسان جيڪڏهن ڳالهايون ته جواب ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، چيئرمين جي چوڻ تي وڌيڪ نه ڳالهائي رهيو آهيان، الله اسان کي سچ ڳالهائڻ جي توفيق ڏي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 19:18