جيڪي ماڻهو پاڻ پنهنجو ڪيس نه ٿا وڙهي سگهن انهن جي مدد لاءِ ڊسٽرڪٽ ليگل ايمپاورمينٽ ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن: زاهد حامد

جيڪي ماڻهو پاڻ پنهنجو ڪيس نه ٿا وڙهي سگهن انهن جي مدد لاءِ ڊسٽرڪٽ ليگل ايمپاورمينٽ ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن: زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10جنوری2016ء) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته جيڪي ماڻهو پاڻ پنهنجو ڪيس نه ٿا وڙهي سگهن انهن جي مدد لاءِ ڊسٽرڪٽ ليگل ايمپاورمينٽ ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن پر ان سهولت مان تمام گهٽ ماڻهن فائدو کنيو آهي ۽ رڳو 24 سيڪڙو فنڊز ئي استعمال ٿي سگهيا. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر نزهت صادق جي سوال جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته قانون ۽ انصاف ڪميشن پاڪستان ملڪ جي سمورن ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ ليگل ايمپاورمينٽ ڪميٽيون جوڙيون آهن، جن جو مقصد ڪيس وڙهندڙن کي قانوني مدد فراهم ڪرڻ آهي جيڪي پاڻ پنهنجو ڪيس نه ٿا وڙهي سگهن، انهن فنڊن جو رڳو 24 سيڪڙو استعمال ٿيو آهي جيڪو ان مقصد جي لاءِ رکيو ويو هو. رڳو 40 سيڪڙو ماڻهن ان سهولت مان فائدو کنيو، ان ۾ به فيملي ڪيسز رڳو 2 آهن، اسان جيڪي پئسا ان مقصد جي لاءِ ڏنا اهي استعمال ئي نه ٿيا، ڊسٽرڪٽ ليگل ايمپاورمينٽ ڪميٽين کي 12.12 ملين رپيا جاري ڪيا ويا هئا، هن چيو ته ان حوالي سان عوام ۾ آگاهي جي ضرورت آهي ته جيئن اهو پروگرام ڪاميابي سان هلي سگهي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 18:27