حڪومت فرقيواراڻي هم آهنگي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن: پير امين الحسنات

حڪومت فرقيواراڻي هم آهنگي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن: پير امين الحسنات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10جنوری2016ء) مذهبي معاملن جي مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه چيو آهي ته حڪومت فرقيواراڻي هم آهنگي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن جن جا نتيجا جلد سامهون ايندا. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي، سينيٽر الياس بلور ۽ ٻين جي سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه چيو ته فرقيواراڻي هم آهنگي جي لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن جن سان فرقيواراڻي هم آهنگي جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿي آهي. هن چيو ته ڪجهه معاملا گهرو وزارت ۽ انساني حقن جي وزارتن بابت آهن، اهي به اسان سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 18:14