فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان مشاورت جاري آهي: سينيٽر نهال هاشمي

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان مشاورت جاري آهي: سينيٽر نهال هاشمي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10جنوری2016ء) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر نهال هاشمي چيو آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان مشاورت جاري آهي، حڪومت جي مخالفت ڪرڻ مخالف ڌر جو ڪم آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته فوجي عدالتن جي حوالي سان سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت جي مخالفت ڪرڻ مخالف ڌر جو ڪم آهي پر مثبت تنقيد جي آجيان ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 2013ع کان اڳ جو پاڪستان دهشتگردي ۽ توانائي جي بحران ۾ گهيريل هو، اڄ جو پاڪستان تيزي سان ترقي جي منزل طئي ڪري رهيو آهي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 18:12