وزيراعظم پاران نئين ميٽرو بس جي فوري تعمير جي هدايت

وزيراعظم پاران نئين ميٽرو بس جي فوري تعمير جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10جنوری2016ء) ) وزيراعظم محمد نواز شريف وفاقي گادي واري شهر ۾ پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين نئين ميٽرو بس جي فوري تعمير جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته هو 14 آگسٽ تي نئين اسلام آباد ايئرپورٽ سان گڏوگڏ نئين ميٽرو بس سروس جو به افتتاح ڪندو. وزيراعظم سان مواصلات ڊويزن واري سيڪريٽري ۽ اين ايڇ اي جي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس ملڪ ۾ جاري رستن جي منصوبن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي گڏيل سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ڏورانهن علائقن کي آسان پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رستن جو ڄار وڇائڻ لازمي آهي جنهن سان واپار ۽ معاشي سرگرمين جي لاءِ وسيع اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم پشاور موڙ کي نيو اسلام آباد ايئرپورٽ سان ڳنڍيندڙ اسلام آباد ميٽرو بس لنڪ جي فوري تعمير جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي تي اٽڪل 18 ارب رپيا لاڳت ايندي ۽ ان روٽ تي 14 بس اسٽاپ هوندا. وزيراعظم 14 آگسٽ تي نئين اسلام آباد ايئرپورٽ سان گڏوگڏ نئين ميٽرو بس سروس جو پڻ افتتاح ڪندو جنهن سان مسافرن کي سفر جي سهولت ملندي ۽ انهن جو قيمتي وقت بچندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نئين اسلام آباد ايئرپورٽ جي لاءِ ميٽرو بس سروس جديد ترين سهولتن واري هجڻ گهرجي ۽ ان جو ڪم ۽ خدمتن تي قطعي طور تي ڪو ٺاهه نه ٿيڻ گهرجي. ملاقات ۾ وزيراعظم جو سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:09