صدر پاران ڪروز ميزائيل بابر 3 جي تجربي تي مبارڪون

صدر پاران ڪروز ميزائيل بابر 3 جي تجربي تي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) صدر ممنون حسين آبدوز سان هلندڙ ڪروز ميزائيل بابر 3 جي ڪامياب تجربي تي پاڪستاني قوم، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه سومر ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ صدر چيو ته ميزائيل جو تجربو ڪنهن ملڪ جي خلاف نه پر ان جو مقصد خطي ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ آهي. هن چيو ته اهو تجربو پاڪستاني دفاعي نظام ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان سان ملڪ جون سرحدون وڌيڪ محفوظ ٿي ويون آهن. صدر چيو ته ڪروز ميزائيل بابر 3 اهم آهي جيڪو جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي. هن چيو ته هي تجربو اسان جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي اعتماد جو اظهار آهي جنهن سان انهن جي پاڻڀرائپ ۽ فني صلاحيت کي فروغ ملي ٿو. واضح رهي ته سب ميرين لانچڊ ڪروز ميزائيل بابر 3 هنڌي سمنڊ ۾ نامعلوم جاءِ کان پاڻي جي اندر کان هنيو ويو جنهن 450 ڪلوميٽر جي فاصلي تي گهربل هدف کي صحيح نشانو بڻايو. بابر ٽو جنهن جو گذريل سال ڊسمبر ۾ تجربو ڪيو ويو هو، ان جي مقابلي ۾ بابر ٿري جي اها خاصيت آهي ته هي پاڻي جي اندر کان پنهنجي هدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. اي پي پي/ع – ک 20:40