وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي سياسي زندگي ۾ سدائين عوام جي خدمت کي ترجيح ڏني: مريم اورنگزيب

وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي سياسي زندگي ۾ سدائين عوام جي خدمت کي ترجيح ڏني: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي سياسي زندگي ۾ سدائين عوام جي خدمت کي ترجيح ڏني، عمران خان چوي ٿو ته وزيراعظم هر جاءِ تي ڦيٿو ڪاٽڻ پهچي وڃي ٿو هو ان لاءِ ڦيٿا ڪاٽي ٿو ڇو ته هن ڪم ڪيو آهي جڏهن ته عمران خان ڪوڙ، الزام ۽ انتشار جي سياست کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو، پي ٽي آءِ کي ان ئي سياست جي بنياد تي 2018ع جي چوندن ۾ مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ملندو، عمران خان جي ايجنڊا عوام جي خدمت نه آهي، هو سوچي وٺي ته پاناما ڪيس کانپوءِ ڇا ڪندو، قوم سان ڪيل واعدن موجب وزيراعظم نون منصوبن جا ڦيٿا ڪاٽيندو ۽ خان صاحب توهان اهو ڪاٽيندا جيڪو توهان پوکيندا، خان صاحب اڃا به وقت آهي سٺي فصل لڳايو ته جيئن 2018ع ۾ ان جو ڦل حاصل ڪري سگهو، پي ٽي آءِ آخرڪار وزيراعظم جي ٻارن جي ڊيڊ کي تسليم ڪري ورتو، اسان جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي تمام گهڻو ڪجهه واضح ٿي ويندو. هو ڪالهه سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. قومي اسيمبلي ميمبر طلال چوڌري، دانيال عزيز ۽ ٻيا مسلم ليگي اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف وزيراعظم جي ٻارن جي جنهن ڊيڊ جي خلاف هئي، ان ئي موقف تان هٽندي اڄ پي ٽي آءِ اها ڊيڊ تسليم ڪري ورتي آهي، عدالت جيڪي سوال اٿاريا آهن انهن تي اسان جا وڪيل، جن جا دليل پي ٽي آءِ جي وڪيل جا دليل ختم ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيندا، انهن جي دليلن ۾ سموريون شيون واضح ٿي وينديون. هن چيو ته 2013ع کان اڄ تائين هر ڪوشش ڪئي وئي ته ترقي جا منصوبا روڪيا وڃن، پي ٽي آءِ جي هر جلسي ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ترقياتي منصوبن جا ڦيٿا ڪاٽي رهيو آهي، وزيراعظم انهن ساڍن ٽن سالن ۽ پنهنجي سڄي سياسي زندگي ۾ قوم جي خدمت کي اولين ترجيح ڏني ۽ ايندڙ ڏيڍ سالن ۾ به ترقياتي منصوبن جا ڦيٿا ڪاٽيندو رهندو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي سياست جي انهن ساڍن ٽن سالن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته پي ٽي آءِ ان دوران رڳو احتجاج، ڪوڙ ۽ الزامن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ به اهڙي عوامي خدمت جا منصوبا تيار ڪري ها ته اڄ اها به ڦيٿا ڪاٽڻ جي قابل هجي ها، سياست ۾ پي ٽي آءِ جيڪو پوکي رهي آهي 2018ع جي چونڊن ۾ اهو ئي ڪاٽيندي. مريم اورنگزيب چيو ته اڃا به ڏيڍ سال جو وقت باقي آهي، پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ ايندڙ ڏيڍ سال ۾ تيزي سان عوامي خدمت ۽ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري، سٺي فصل لڳندي ته ميوو به سٺو ملندو. هن چيو ته عمران خان سوچي وٺي ته پاناما ليڪس جي ڪيس کانپوءِ هو ڇا ڪندو. مملڪتي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام مايوس نه ٿئي، وزيراعظم محمد نواز شريف خيبرپختونخواهه جي عوام جي لاءِ صحت جو پروگرام ڏنو ۽ جمهوري حڪومت جو مدو مڪمل ٿيڻ تائين صوبي جي عوام لاءِ وڌيڪ منصوبا شروع ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن هدايت ڏني هئي ته عدالت جي اندر ٿيندڙ ڪارروائي خاص طور تي سوالن کي ٻاهر بحث هيٺ نه آندو وڃي، اڄ ٻيهر پي ٽي آءِ نه رڳو هڪ لائين جيڪا انهن جي حق ۾ هئي، اها ميڊيا آڏو رکي عدالت ٻاهران عدالت هنئي آهي پر پوري ڳالهه نه ٻڌائي ته ڪهڙي تناظر ۾ اها ڳالهه ٿي آهي جڏهن ته مملڪتي وزير واضح ڪيو ته مسلم ليگ (ن) عدالت جو احترام ڪندي ائين نه ڪندي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي دانيال عزيز ان موقعي تي چيو ته جنهن ڏينهن اسان جي وڪيلن کي دليل جو موقعو مليو ان ڏينهن سڄو ڪيس صاف ٿي ويندو. دانيال عزيز چيو ته نعيم بخاري عدالت جي ڪنهن سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو ڇو ته تحريڪ انصاف جي وڪيل جا عدالت جي سوال تي هوش اڏامي وڃن ٿا، مريم نواز بابت دليلن ۾ نعيم بخاري حواس وڃائي ويٺو ۽ سندس اهڙي حالت هئي جهڙو مڇي پاڻي کان ٻاهر هجي جڏهن ته جنهن ڏينهن اسان جي وڪيلن کي دليل جو موقعو مليو ان ڏينهن سمورو ڪيس صاف ٿي ويندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاران مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، ماضي ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي رٽ لڳائي وئي پر اليڪشن ڪميشن جي اهلڪار افضل خان بعد ۾ معافي ورتي تنهن ڪري رڳو الزام هڻڻ سان ڪم نه هلندو. هن چيو ته قلابازي خان جو نالو ڪنهن سبب جي ڪري ڏنو ويو آهي ڇو ته عمران خان يوٽرن جو ماسٽر آهي ۽ اسان سندس اصل چهرو بي نقاب ڪري ڏيکارينداسين. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ ڪيڊ واري مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ تمام اهم ڪيس عدالت بدران ميڊيا تي وڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان ميڊيا تي پي ٽي آءِ جي الزامن جو جواب ڏيڻ ايندا آهيون، مسلم ليگ (ن) اعليٰ عدليه جو احترام ڪري ٿي، مسلم ليگ (ن) هن ئي عدالت آڏو سرخرو ٿيندي ۽ ڪوڙ جي سياست کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ملندي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 19:07