پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي ڪميٽي جو اجلاس فاٽا جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي غيرموجودگي سبب نه ٿي سگهيو. ڪميٽي ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پي اي سي جي چيئرمين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ پرنسپل سيڪريٽري ٽو پرائيم منسٽر کي خط موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر رانا افضال حسين جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فاٽا سيڪريٽريٽ سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فاٽا سيڪريٽريٽ جي آڊٽ اعتراضن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺڻو هو. اجلاس کي فاٽا جي فنانس سيڪريٽري ٻڌايو ته فاٽا جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پشاور کان اسلام آباد اچي رهيو هو ته رستي ۾ کيس اطلاع ڏني وئي ته کيس خيبرپختونخواهه جي گرنر طلب ڪيو آهي جنهن کانپوءِ هو اتان کان ئي واپس پشاور روانو ٿي ويو. پي اي سي ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هو ان معاملي تي پي اي سي جي چيئرمين کي خط لکندو جنهن جي ڪاپي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي موڪلي ويندي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:23