پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نئين نسل جو ڪردار اهم آهي: صدر ممنون حسين

پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نئين نسل جو ڪردار اهم آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نئين نسل جو ڪردار اهم آهي ۽ پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ نون امڪانن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ شاگرد پاڻ کي ڀرپور انداز ۾ تيار ڪن. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن ۾ تعليم ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. صدر چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي کي قائداعظم جي نسبت جي ڪري ٻين ادارن کان مٿانهون مقام حاصل آهي. هن چيو ته يونيورسٽي معياري تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاگرد پاڻ کي جديد تعليم سان ليس ڪري معاشي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. صدر اداري پاران شروع ڪيل نيشنل ليڊرشپ پروگرام تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته مستقبل ۾ ان پروگرام سان نوجوان طبقي کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملندو. صدر زور ڀريو ته يونيورسٽيون بهترين فيڪلٽي جي چونڊ سان پنهنجي معيار ۾ وڌيڪ اضافو ڪن. صدر نوجوانن تي زور ڏيندي چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ماضي جي ڪجهه دورن ۾ ڪرپشن، بدانتظامي ۽ نااهلي جي ڪري ملڪ معاشي مسئلن ۾ رهيو پر هاڻي اسان صحيح رستي تي هلي پيا آهيون ۽ ڪاميابي جي منزل نظر اچي رهي آهي پر ضروري آهي ته سڀ ذاتي مفادن کان هٽي ڪري ملڪ جي لاءِ سوچين ۽ ان جي ترقي لاءِ ڀرپور محنت ڪن. صدر چيو ته سي پيڪ منصوبو خطي ۾ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو ان مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پوري قوم خاص طور تي نوجوان پاڻ کي تيار رکن. صدر چيو ته نوجوان قومي يڪجهتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ۽ ملڪ جي خلاف عنصرن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي اعليٰ تعليم ضرور حاصل ڪن ۽ ان جي حصول لاءِ جيڪڏهن ٻاهرئين ملڪ وڃڻو پوي ته ضرور وڃن پر پنهنجي تهذيب کي نه وسارين ڇو ته اهي ئي قومون ڪامياب ٿينديون آهن جيڪي پنهنجي تهذيب کي قائم ر کن ٿيون. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:16