قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني پارٽين جو گڏيل اجلاس اڄ ٿيندو

قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني پارٽين جو گڏيل اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) قانونسازي ۽ ٻين پارلياماني معاملن تي مشاورت جي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني پارٽين جو گڏيل اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو. اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، مسلم ليگ (ن)، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم سميت ٻين پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ذريعن موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي آئنده قانونسازي سميت ٻين پارلياماني معاملن تي غور ڪيو ويندو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:20