برطانوي وزيراعظم ٿريسامي جي وزيراعظم نواز شريف کي ٽيليفون

برطانوي وزيراعظم ٿريسامي جي وزيراعظم نواز شريف کي ٽيليفون

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) وزيراعظم محمد نواز شريف برطانوي وزيراعظم ٿريسامي کي سمورن شعبن ۾ ويجها ٻطرفا لاڳاپا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ساڻس ويجهي طور تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن برطانوي وزيراعظم سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي هن ٿريسامي کي برطانيا جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ٿريسامي جي وزيراعظم جي حيثيت سان مقرري برطانوي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم نواز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو ته نئين برطانوي وزيراعظم جي قيادت ۽ ويزن تحت برطانيا وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ عالمي معاملن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان انهن جي ڊگهي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم چيو ته برطانيا پاڪستان جو روايتي اتحادي، دوست ۽ آزمايل حصيدار آهي. ٿريسامي وزيراعظم محمد نواز شريف جي جذبن تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان برطانيا جو بااعتماد اتحادي ملڪ آهي. هن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته يورپي يونين کان برطانيا جي جدا ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. هن چيو ته يورپي يونين کان جدا ٿيڻ جا ٻطرفن لاڳاپن تي ڪي منفي اثر نه پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ٻطرفن حصيدارن جي طور تي گڏجي ڪم ڪندا. هن چيو ته برطانيا سيڪيورٽي معاملن ۽ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ٿريسامي چيو ته برطانيا پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي ٺوس حمايت ڪري ٿو، ڇو ته پاڪستان جي ترقي ۽ جمهوريت جو فروغ هڪ ٻئي سان واڳيل آهي. هن چيو ته هو برطانوي وزيراعظم جي حيثيت سان پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي. ان کان اڳ سندس دورو ان وقت طئي ٿيو هو جڏهن هو گهرو وزير هئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:00