سينيٽ چيئرمين پاران سينيٽر عطاءُ الرحمان جي استحقاق واري رٿ جو معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

سينيٽ چيئرمين پاران سينيٽر عطاءُ الرحمان جي استحقاق واري رٿ جو معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

اسلام آباد(پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) سينيٽ چيئرمين سينيٽر عطاءُ الرحمان جي استحقاق واري رٿ جو معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر عطاءُ الرحمان چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هو رات جو ڊيره اسماعيل خان کان اسلام آباد اچي رهيو هو چشما هائيڊل پاور اسٽيشن ويجهو پوليس چيڪ پوسٽ تي کيس روڪيو ويو، چيڪ پوسٽ تي مقرر پوليس اهلڪارن جو ساڻس رويو انتهائي نامناسب هو، هن ان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ ڊي پي او سان به رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو، ٻئي ڏينهن لاڳاپيل ايس ايڇ او پريس ڪانفرنس دوران اهو الزام هنيو ته مون کيس ڌمڪيون ڏنيون آهن، هن چيو ته ان واقعي سان منهنجو استحقاق مجروح ٿيو آهي، معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، چيئرمين معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:12