سينيٽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مسئلن جي حل لاءِ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سينيٽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مسئلن جي حل لاءِ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) سينيٽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مسئلن جي حل لاءِ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪميٽي مسئلن جي حل جي حوالي سان تجويزون جوڙيندي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪمزور طبقن بابت رٿ تي بحث مڪمل ٿيڻ تي سينيٽ چيئرمين چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي ان جي لاءِ قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مدد حاصل ڪئي ويندي. ڪميٽي جي ضابطه ڪار تحت اهي انهن ادارن ۽ تنظيمن سان گڏجي قاعدا تيار ڪن جيڪي ڪمزور طبقن جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. ڪميٽي ڪمزور طبقن جي موجوده قانونن جو جائزو وٺي ۽ انهن ۾ ترميمن جي ضرورت جو جائزو وٺي. ڪميٽي سڌارن جو هڪ پئڪيج پڻ تجويز ڪري جيڪو قابل عمل هجي ۽ ڪمزور طبقن جي مسئلن ۽ پريشانين جو خاتمو ڪري سگهجي. ان کانسواءِ انهن جي نوڪرين ۾ ڪوٽا کي بهتر بڻائڻ جي تجويز ايوان ۾ پيش ڪري، ان کانسواءِ عورتن جي حيثيت بابت ڪميشن، انساني حقن واري ڪميشن کي فعال بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي تجويز جوڙي ۽ ان کي يقيني بڻائي ته انهن مقصدن جي لاءِ ڪيترائي ادارا قائم نه ٿين. ڪميٽي هر ٻن مهينن کانپوءِ پنهنجي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي، جنهن ڏينهن رپورٽ پيش ٿيندي ان تي تفصيلي بحث ڪيو ويندو. ايوان اتفاق راءِ سان تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:10