ملڪ ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي نظرانداز ٿيل طبقن جي لاءِ سهولتون بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر

ملڪ ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي نظرانداز ٿيل طبقن جي لاءِ سهولتون بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) سينيٽ جي ميمبرن چيو آهي ته ملڪ ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي نظرانداز ٿيل طبقن جي لاءِ سهولتون بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، حڪومت کي کدڙن فقيرن ۽ اقليتن جي مسئلن جي حل لاءِ قانونسازي ڪرڻ گهرجي، معاشري جي ڪمزور طبقن جا مسئلا حل ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ موجوده صورتحال ۽ معاشري جي نظرانداز ٿيل طبقن بابت قانونن، پاليسين، غيرمحفوظ ٻارن، عورتن، معذور ماڻهن، کدڙن فقيرن ۽ اقليتن جي مسئلن بابت رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي مسئلن جي حل طرف ڌيان ڏيڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته ڪيلاش ۽ ٻين هنڌن تي رهندڙ ماڻهو به اسان جي معاشري جو حصو آهن، ان لاءِ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ قانونن کي به بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، قانون بهتر بڻائڻ کانسواءِ انهن جون مشڪلاتون گهٽ نه ٿينديون. سينيٽر ڪريم خواجه چيو ته خصوصي ماڻهو، اقليت ۽ ڪمزور طبقو اسان جي معاشري ۾ خاص ڌيان جا مستحق آهن، انهن جي لاءِ موثر پاليسيون جوڙيون وڃن. سينيٽر سسئي پليجو چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن کي نظرانداز ڪري اسان اڳيان نٿا وڌي سگهون، عورتون، اقليت، خصوصي ماڻهو ۽ لاوارث ٻار اسان جي معاشري جو حصو آهن انهن جي مسئلن کي اولين ترجيح طور حل ڪرڻ گهرجي. سينيٽر عتيق شيخ چيو ته جڏهن سوسائٽي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان جي ذهن ۾ پورو معاشرو اچي ٿو، اسان سڀني کي گڏجي سٺي عمل کي ساراهڻ گهرجي ۽ گڏجي معاشري ۽ قوم کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ گهرجي. سينيٽر سحر ڪامران چيو ته بي سهارا ٻارن کي شيلٽر هوم ۾ بيشڪ رکيو وڃي پر انهن کي تعليم عام ٻارن سان گڏ ڏيڻ گهرجي. سينيٽر گيانچند چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪمزور طبقن کي شيڊول ڪاسٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو جنهن ۾ 6 سيڪڙو سرڪاري نوڪري جي ڪوٽا رکي وئي، ڪمزور طبقن جي لاءِ ڪميشن ٺاهڻ گهرجي ۽ شيڊولڊ ڪاسٽ جي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته معاشري جي هڪ خاص طبقي هن ملڪ کي پنهنجو ئي سمجهيو آهي جيڪي ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن انهن کي غلام سمجهيو وڃي ٿو، معاشري جي ڪمزور طبقن جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. سينيٽر عبدالقيوم چيو ته اڄ ڏينهن جي شروعات سٺي ٿي آهي، ايشيائي اسيمبلي ۾ سينيٽ چيئرمين جي تقرير ٻڌي اسان جا ڳاٽ فخر سان اونچا ٿي ويا، چيئرمين معاشري جي پٺتي پيل طبقي، ڪشميرين ۽ فلسطين جي حوالي سان صحيح فورم تي ڳالهه ڪئي، هن وقت دنيا جي آبادي 7 ارب آهي ۽ هڪ ارب ماڻهو معذور آهن، پاڪستان جي آدمشماري 1998ع ۾ ٿي ان وقت 13 ڪروڙ آباي هئي، ان موجب ٽي ڪروڙ ماڻهو معذور آهن، انهن ماڻهن جو خيال رکڻ اسان جو فرض آهي، مون کي ڏک سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته امير ۽ غريب جو فرق وڌندو پيو وڃي، عبدالستار ايڌي ايوارڊ جو اعلان ٿيڻ گهرجي. سينيٽر نسرين جليل چيو ته هن بحث ۾ اهم مسئلي طرف ڌيان ڇڪرائڻ تي مشاهد حسين سيد ۽ سينيٽ چيئرمين کي مبارڪباد ڏيان ٿي. سينيٽر نهال هاشمي چيو ته اسان جو معاشرو ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ اسان ذهني طور تي معذور ٿي رهيا آهيون ۽ ماڻهن کي مختلف طبقن ۾ ورهائي رهيا آهيون، اسان کي نوجوانن جي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ گهرجي ته جيئن اهي معاشري جي صحيح معنيٰ ۾ خدمت ڪري سگهن. سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته پاڪستان ۾ ڪمزور طبقن کي سدائين نظرانداز ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو احساس محرومي وڌي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معاشري ۾ برابري قائم ڪئي وڃي ۽ ڪمزور طبقن کي به ترقي جا برابر موقعا ڏنا وڃن. سينيٽر حافظ حمدالله چيو ته اسان جي معاشري ۾ ڪمزور طبقن کي اهي حق حاصل نه آهن جيڪي اسلام انهن کي ڏنا آهن، ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته مسئلا ۽ مشڪلاتون وڌيڪ وڌنديون، ڪمزور طبقن جي بحالي ۽ مدد جي لاءِ فلاحي اسڪيمون متعارف ڪرايون وڃن. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:07