سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن جي مسئلن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن جي مسئلن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن جي مسئلن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بلوچستان جون ٽرانسميشن لائينون گهربل طلب برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿيون رکن، بلوچستان جي بجلي جي طلب 1680 ميگاواٽ آهي جڏهن ته ٽرانسميشن لائينون 1100 ميگاواٽ بجلي جي سپلاءِ برداشت ڪري سگهن ٿيون. فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽر محمد عثمان خان ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. فنڪشنل ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيڊرل فلڊ ڪميشن ۽ ان جي ماتحت ادارن جي گذريل ٽن سالن دوران ڪارڪردگي، چشما زوب ٽرانسميشن لائين ۽ ٻين گهٽ ترقي يافته علائقن جي ٽرانسميشن لائينن جي مڪمل ٿيڻ کانسواءِ پٺتي پيل ضلعن ۽ فاٽا جي ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ گذريل ٽن سالن دوران لوڊشيڊنگ ۽ لائين لاسز (پهچ وارا نقصان) جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته فلڊ ڪميشن ۾ فاٽا گلگت بلتستان ۽ اي جي ڪي جا نمائندا به ڪميشن ۾ شامل ڪيا وڃن. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ريڊار سسٽم لاهور ۾ هنيو ويو آهي ان کي گلگت بلتستان ۽ اترين علائقن ۾ هجڻ گهرجي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته فلڊ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ رڳو منگلا ۽ تربيلا ڊيمن کي استعمال ۾ آندو وڃي ٿو ۽ ڪو طريقو نه آهي جن ضلعن ۾ وڌيڪ ٻوڏ اچي ٿي اتي صوبائي حڪومتون قدم کڻن ٿيون. پاڻي ۽ بجلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عمر رسول فنڪشنل ڪميٽي کي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ بجلي جي طلب 1680 ميگاواٽ آهي جڏهن ته فراهم 840 ميگاواٽ ڪئي پئي وڃي، گرمين ۾ ايئرڪنڊيشن جي ڪري طلب ۾ وڌيڪ اضافو ٿي وڃي ٿو ملڪ ۾ ٽرانسميشن لائينن ۾ 19 هزار ميگاواٽ جي پهچ ڪري سگهجي ٿي ان کي به بهتر ڪيو ويو آهي. 16 – 2015ع ۾ 16500 ميگاواٽ جي ترسيل ڪئي وئي جڏهن ته ايندڙ سال 17 هزار 4 سئو تائين جي ترسيل ڪري سگهبي. بلوچستان گهربل طلب موجب بجلي حاصل نه ٿو ڪري ان جون ٽرانسميشن لائينون برداشت نه ٿيون ڪري سگهن، بهتري جي لاءِ ٽرانسميشن لائينون ۽ گرڊ اسٽيشن ٺاهيا پيا وڃن. چشما زوب ٽرانسميشن لائين جي لاءِ وزيراعظم جي خاص هدايت تي ايڪنڪ منظوري ڏئي ڇڏي آهي زمين حاصل ڪئي وئي آهي، ٻن مرحلن ۾ ڪم ڪيو ويندو. فنڪشنل ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو 2005ع ۾ شروع ٿيو 2007ع کان 2014ع تائين طلب ۽ پيداوار ۾ تمام گهڻو فرق رهيو، شهري علائقن جي 6 ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ 8 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، مسئلو هجڻ تي فورس لوڊشيڊنگ به ڪئي وڃي ٿي. ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه عابد، مولانا تنويرالحق ٿانوي، مير ڪبير احمد محمد شاهي، خالده پروين، گيانچند ۽ سردار محمد اعظم خان موسيٰ خيل کانسواءِ پاڻي ۽ بجلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري، فيڊرل فلڊ ڪميشن جي چيئرمين کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:18