وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ فوجي اهلڪارن تي دهشتگردي جي حملي جي مذمت

وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ فوجي اهلڪارن تي دهشتگردي جي حملي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪراچي ۾ فوجي اهلڪارن تي دهشتگردي جي حملي جي پرزور مذمت ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته دهشتگرد عنصرن کان شهر کي پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي آپريشن کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏنو ويندو. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گهرو وزارت ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته اهي دهشتگردن جو پتو لڳائين. هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ امن جي بحالي جي لاءِ دهشتگردن کي جاري آپريشن کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏينداسين. وزيراعظم شهيد اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:47