پرويز رشيد پاران ڪراچي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي مذمت

پرويز رشيد پاران ڪراچي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ڪراچي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي جا اهڙا بزدلاڻا واقعا انتهاپسندن ۽ شرپسندن جي خلاف جنگ ۾ اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته اسان جا بهادر فوجي دهشتگردن ۽ انهن جي نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن جيڪي اسان جو سڀاڻي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي اڄ جي قرباني ڏئي رهيا آهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن شهيدن جي خاندانن سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:46