چوڌري نثار پاران تعليمي ادارن ۾ منشيات خلاف مهم شروع ڪرڻ جي هدايت

چوڌري نثار پاران تعليمي ادارن ۾ منشيات خلاف مهم شروع ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06جنوری2016ء) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ضلعي انتظاميا کي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي حوالي سان منظم مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان انتظاميا کي هدايت ڪئي ته جتي ضرورت هجي اي اين ايف کان مدد ورتي وڃي. چوڌري نثار علي خان چيو ته منشيات هڪ اهڙو مرض آهي جنهن کان اسان کي پنهنجي ٻارن کي محفوظ رکڻو آهي. معصوم ٻارن کي ان طرف وٺي ويندڙ قومي ڏوهاري آهن. ترجمان موجب مهم جي باقاعده شرعات سومر کان ڪئي ويندي جنهن جي ڪاميابي جي لاءِ شهرين کي ڀرپور تعاون جي اپيل ڪئي وئي آهي. اي پي پي/ع – ک 19:56