زميني حقيقتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ٺوس ڪشمير پاليسي ٺاهڻ ٺاهي وڃي: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

زميني حقيقتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ٺوس ڪشمير پاليسي ٺاهڻ ٺاهي وڃي: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06جنوری2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته زميني حقيقتن جو نئين سر جائزو وٺڻ کانپوءِ هڪ نئين ۽ ٺوس ڪشمير پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن تحت مسئلي جي انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ راءِ جي حق جي رخن کي عالمي برادري آڏو اجاگر ڪيو وڃي، هن چيو ته گڏيل قومن جو ادارو اولهندي دنيا ۽ آمريڪي سامراجي نظام جي اثر هيٺ آهي ۽ عملي طور تي پنهنجي افاديت وڃائي چڪو آهي جڏهن ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان خاموش تماشائي بڻيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز ۾ ينگ پارليامينٽري فورم جي وچ ۾ عالمي سيمينار جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ميان رضا رباني چيو ته ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جا دردناڪ داستان آهن. انهن کي پيلٽ گنن ذريعي اکين جي نور محروم ڪيو پيو وڃي ۽ عصمت دري کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، اسان کي انساني حقن جو درس ڏيندڙ اولهه ۽ انساني حقن جي تنظيمن ڀارتي ظلمن تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، گڏيل قومن جون قراردادون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عملدرآمد جون منتظر آهن پر گڏيل قومون رڳو فنڊز فراهم ڪندڙ ملڪن جا مقصد حاصل ڪرڻ جو اوزار آهي. هن چيو ته گڏيل قومون رڳو اولهندي ملڪن جي مفادن جو تحفظ ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪشمير ۽ ٻين ايشيائي معاملن تي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته گڏيل قومن وانگر او آءِ سي جي ڪردار کان به اسان کي ايتري ئي شڪايت آهي، پاڪستان پنهنجي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سدائين اسلامي ملڪن جي مسئلن تي انهن جي مدد ڪئي آهي تنهن هوندي به ڪشمير معاملي ۾ اسلامي ملڪ ڀارت سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسان کي زميني حقيقتن جي روشني ۾ ڪشيمر بابت پاليسي جوڙڻي پوندي جنهن ۾ پارليامينٽ ان مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري. هن تجويز ڏني ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين مختلف ملڪن ۾ پنهنجي هم منصبن سان ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ راءِ جي حق کي اجاگر ڪن جڏهن ته انساني حقن ۽ پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽيون پڻ پنهنجي لاڳاپيل فورم تي معاملا اٿارين. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 18:37