آئيني ادارن کي ڌمڪائڻ عمران خان جي عادت بڻجي چڪي آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

آئيني ادارن کي ڌمڪائڻ عمران خان جي عادت بڻجي چڪي آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05جنوری2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آئيني ادارن کي ڌمڪائڻ عمران خان جي عادت بڻجي چڪي آهي، آئيني ادارن جو احترام ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، نواز شريف (ن) ليگ جو نه پوري قوم ۽ پاڪستان جو وزيراعظم آهي، ان تي هنيل الزامن جو جواب ڏيڻ فرض آهي، عمران خان پهرين يوٽرن ۽ هاڻي الزام خان مشهور آهي، عمران خان پاڻ چيو ته منهنجو ڪم الزام هڻڻ آهي، وزيراعظم نواز شريف جو پاناما ڪيس سان ڪو تعلق نه آهي، پاڪستان جي ترقي جي سفر کي اسان کي اڳيان وٺي وڃڻو آهي ۽ ان سفر کي جاري رکڻ جي لاءِ نون منصوبن جا سنگ بنياد رکڻ جاري رهندا، 2018ع ۾ پاڪستان ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿيندي ۽ دهشتگردي تي ضابطو آندو ويندو، عمران خان جي ڪوڙن الزامن جي جواب ۾ ميڊيا کي حقيقتن کان آگاهه ڪندا آهيون. ڪالهه خميس ڏينهن نجڪاري واري مملڪتي وزير محمد زبير ۽ قومي اسيمبلي ميمبر دانيال عزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ادارن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي عادت آهي جيڪا ان حلف نامي جي خلاف ورزي آهي جنهن جو حلف هن قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان کنيو هو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) قومي ادارن جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿي تنهن هوندي به عمران خان پاران روزانو اهڙا الزام هڻڻ سبب اصل حقيقتن جي وضاحت ڪرڻ ضروري هوندو آهي. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي خلاف بي بنياد الزام هنيا، عمران خان عدالت ۾ پاڻ تسليم ڪيو ته وٽس ڪي ثبوت نه آهن. اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف رڳو پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد ئي نه پر پوري ملڪ جو وزيراعظم آهي. عمران خان جي بي بنياد الزامن جي جواب ۾ قوم آڏو حقيقتون آڻڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ مفروضن تي ڳالهه ڪري ٿي ۽ ڪنٽينر جي خطاب يا پريس ڪانفرنس ذريعي ڪيسز نه ٿا کٽي سگهجن. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ دعويٰ ڪندو آهي ته هو سڀاڻي اهو ثابت ڪندو ته مريم نواز جائيداد جي مالڪ آهي. مملڪتي وزير سوال ڪيو ته جيڪڏهن عمران خان اهو سڀاڻي ثابت ڪندو ته پوءِ هو فساد جي سياست، لاڪ ڊائون ۽ ڌرڻي ۾ ڇو ٿو ملوث ٿئي. هن چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ اهو چيو ته مريم نواز ڪيپٽن (ر) صفدر جي ڪفالت هيٺ آهي ۽ عدالت ۾ اهو چيو ته مريم نواز وزيراعظم جي ڪفالت هيٺ آهي، سندس ڳالهين ۾ تصاد آهي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو تعلق نه آهي، عدالت ۾ اها ڳالهه ٻڌائي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان بي بنياد الزامن جي سياست ڪرڻ ڄاڻي ٿو جڏهن ته ڪنٽينر جي تقريرن جي ذريعي ڪيسز نه ٿا کٽي سگهجن. هن چيو ته عمران خان کي عدالت کان ٻاهر هنيل الزامن جو جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جو سفر جاري رکندو، توانائي جا منصوبا 2018ع ۾ مڪمل ٿيندا، لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيندو، پاڪستان دهشتگردي کان پاڪ ٿي هڪ محفوظ ۽ خوشحال ملڪ بڻجندو. مملڪتي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جي پارٽي ججن جي انهن هدايتن سان مڪمل اتفاق ڪري ٿي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي ڪمنٽس کان پاسو ڪيو وڃي تنهن هوندي به پي ٽي آءِ جي بي بنياد الزامن جو جواب ڏيڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته اسان عدالت جي احاطي ۾ ڪا پريس ڪانفرنس ناهي ڪئي. اي پي پي/ع – ک 20:17