وزيراعظم سان جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جي ملاقات

وزيراعظم سان جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جي ملاقات

اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سان جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل زبير محمود حيات ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران هٿياربند فوج سان لاڳاپيل پيشيواراڻي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ قومي سلامتي بابت اسٽريٽجڪ معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:29