صدر پاران استاد فتح علي خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

صدر پاران استاد فتح علي خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين ناليواري گلوڪار استاد فتح علي خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته موسيقي جي شعبي ۾ استاد فتح علي خان جي خدمت وڏي عرصي تائين ياد رکي ويندي. سندس لاڏاڻي سان ڪلاسيڪي موسيقي جو هڪ عهد ختم ٿي ويو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فتح علي خان مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:28