دوائن جي قيمتن ۾ اضافو صحيح نه آهي، غريب ماڻهن تي بار وڌو پيو وڃي:سينيٽر عبدالقيوم

دوائن جي قيمتن ۾ اضافو صحيح نه آهي، غريب ماڻهن تي بار وڌو پيو وڃي:سينيٽر عبدالقيوم

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو آهي ته دوائن جي قيمتن ۾ اضافو صحيح نه آهي، غريب ماڻهن تي بار وڌو پيو وڃي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام کي دوائن جي ڪوالٽي تي اڳ ۾ ئي خدشا آهن جڏهن ته قيمتن ۾ اضافو به مناسب نه آهي، دوائن جي قيمتن ۾ اضافي سان غريب ماڻهن تي بار وڌو پيو وڃي. هن چيو ته صحت واري وزارت کي دوائن جي قيمتن ۾ اضافو واپس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ هڪ ملين فوج ڪشميرين تي ظلم جي انتها ڪري رهي آهي، فوج کي بنا اجازت گهرن ۾ وڃڻ جي اجازت ۽ ٻه سال قيد ۾ رکڻ جي اجازت آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي جڏهن ته ڀارت انساني حقن جي انهن خلاف ورزين کي جائز قرار ڏئي رهيو آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:31