پاڪستان کي جي ايس پي پلس جو درجو ملڻ کانپوءِ يورپي يونين جي لاءِروانگي واپار ۾ 33 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي: وفاقي وزيرانجنيئر خرم دستگير خان

پاڪستان کي جي ايس پي پلس جو درجو ملڻ کانپوءِ يورپي يونين جي لاءِروانگي واپار ۾ 33 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي: وفاقي وزيرانجنيئر خرم دستگير خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير ايوان کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان کي جي ايس پي پلس جو درجو ملڻ کانپوءِ يورپي يونين جي لاءِ روانگي واپار ۾ 33 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي، برطانيه کي يورپي يونين مان نڪرندي نڪرندي ٻن سالن جو عرصو لڳندو، پاڪستاني برآمد ڪندڙ مطئمن رهن، ان تي برطانيه ۾ ڪا اضافي ڊيوٽي نه لڳي رهي آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ميان عتيق شيخ، عثمان ڪاڪڙ، احمد حسن ۽ اعظم سواتي جي سوالن جي جواب ۾ واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير ايوان کي ٻڌايو ته برطانيه جي يورپي يونين کان علحدگي لاءِ ريفرنڊم ٿي چڪو آهي، پر هينئر تائين ان سلسلي ۾ برطانيه حتمي نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو جيڪڏهن برطانيه يورپي يونين کان ڌار به ٿي وڃي ٿو ته ان کي ڌار ٿيڻ ۾ ٻه سال لڳي ويندا ان لاءِ ايندڙ ٻن سالن تائين برطانيه ۾ جي ايس پي پلس جي حوالي سان پاڪستان کي ڪو به مسئلو نه ٿيندو، هن چيو ته برطانيه جي عالمي واپار جي وزير سان به اسان جو رابطو ٿيو آهي برطانيه سان اسان هم آزاد واپار جو معاهدو به ڪرڻ چاهيون ٿا، برآمد ڪندڙ مطئمن رهن ان تي برطانيه ۾ ڪا به اضافي ڊيوٽي نه لڳندي، هن چيو ته 200 ملين ڊالر جي اسان جي ڪپهه جو روانگي واپار ٿيو، پر گذريل سال بي مندائتي مينهن سبب هاڻي اسان کي ڪپهه درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي، جيتوڻيڪ 16 - 2015ع ۾ ٽيڪسٽائيل ۽ ڪپڙن جي روانگي واپار ۾ 7.34 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، تنهن هوندي به سبيل ڪپڙن جي روانگي واپار ۾ 1.3 سيڪڙو جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، هن چيو ته پاڪستان کي 31 ڊسمبر 2023ع تائين جي ايس پي پلس جي سهولت حاصل رهندي، اهو درجو ملڻ کانپوءِ پاڪستان جي يورپي يونين جي روانگي واپار ۾ 33.27 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، جي ايس پي پلس موجوده حڪومت جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، اسان کي پنهنجي زرعي مصنوعات جي يورپي يونين ۾ روانگي واپار وڌائڻو پوندو، هن چيو ته کنڊ جي لاءِ پاڪستاني روانگي واپار ۾ 400 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، موجوده حڪومت جي مُدي دوران آزاد واپار جي ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ناهن ڪيون ويون. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:01