پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار جو ماپو 2 ارب 28 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو آهي: وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان

پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار جو ماپو 2 ارب 28 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو آهي: وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) واپار واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار جو ماپو 2 ارب 28 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو آهي، افغانستان پاڪستان جي ڪاروباري ماڻهن کي هڪ سال جي ملٽي پل ويزا جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، واپار جي فروغ لاءِ طورخم، چمن ۽ واگها بارڊر کي لينڊ پورٽس قائم ڪيا ويندا، اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر راحيله مگسي ۽ نعمان وزير جي سوالن جي جواب ۾ واپار واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري ماپو 2 ارب 28 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو آهي، 15 -2014ع ۾ پاڪستان افغانستان کي هڪ ارب 96 ڪروڙ 20 لک ڊالرن جون شيون برآمد ڪيون، جڏهن ته 32 ڪروڙ 30 لک ڊالر جون شيون درآمد ڪيون ويون، هن چيو ته افغانستان پاڪستان جي ڪاروباري ماڻهن کي هڪ سال جو ملٽي پل ويزا جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، افغانستان سان واپار جي فروغ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ان مقصد جي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان راهداري واپار کي آرڊيننس اٿارٽي اي پي ٽي ٽي اي ۾ ضروري تبديلي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته هن سال طورخم، چمن ۽ واگها سرحد تي لينڊ پورٽس قائم ڪيون وينديون، جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون جديد سهولتون موجود هونديون. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:54