ارڙهين ترميم کانپوءِ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن جي ترقي جو شعبو صوبن کي منتقل ٿي ويو آهي: وفاقي وزير خرم دستگير خان

ارڙهين ترميم کانپوءِ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن جي ترقي جو شعبو صوبن کي منتقل ٿي ويو آهي: وفاقي وزير خرم دستگير خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ارڙهين ترميم کانپوءِ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن جي ترقي جو شعبو صوبن کي منتقل ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ سهولت ڪندڙ جو ڪردار ادا ڪندي رهندي، ٽي سالا واپاري پاليسي تحت پوئتي پيل علائقن ۾ صنعتون لڳائڻ لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪئي ويندي، اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر احمد حسن، جهانزيب جمالديني ۽ الياس احمد بلور جي سوالن جي جواب ۾ واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير ايوان کي ٻڌايو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن جي ترقي جو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، تنهن هوندي به وفاقي حڪومت روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندي رهندي، هن چيو ته ٽي سالا واپاري پاليسي تحت پوئتي پيل علائقن ۾ صنعتون لڳائڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ ڪمپنين جون مراعتون حاصل ڪرڻ لاءِ حوصلا افزائي ۽ انهن کي متوجهه ڪرڻ گهرجي، مراعتن جي فراهمي کي به شفاف بڻائڻ جي لاءِ پورو عمل اسٽيٽ بئنڪ جي حوالي ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي منظوري کانپوءِ مراعتون آساني سان ملي وينديون، هن چيو ته فاٽا ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ معدني ترقي جي لاءِ سڀئي مراعتون ڏنيون وينديون ۽ ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊن سان به امداد ڪئي ويندي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م17:50