حڪومت پي آءِ اي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

حڪومت پي آءِ اي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ايوان کي ٻڌايو آهي ته حڪومت پي آءِ اي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر عثمان ڪاڪڙ ۽ سينيٽر تنوير خان جي سوالن جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ايوان کي ٻڌايو ته نيويارڪ ۾ پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل جو منافعو 3 ارب 79 ڪروڙ ڊالر، 2012ع ۾ 3 ارب 20 ڪروڙ ڊالر، 2013ع ۾ 2 ارب 43 ڪروڙ 80 لک ڊالر ۽ 2014ع ۾ 3 ارب 72 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهيو، جڏهن ته 2015ع ۾ 39 ڪروڙ 60 لک ڊالر جو خسارو ٿيو، هن چيو ته حڪومت پي آءِ اي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جنهن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م17:47 خبر نمبر -- -- - 13