پمز ۾ جگر، دل جي بيمارين، ايڊز، ايڇ آءِ وي ۽ ٻين ڪيترين ئي موذي بيمارين جو جديد ترين علاج جون سهولتون موجود آهن: مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

پمز ۾ جگر، دل جي بيمارين، ايڊز، ايڇ آءِ وي ۽ ٻين ڪيترين ئي موذي بيمارين جو جديد ترين علاج جون سهولتون موجود آهن: مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پمز ۾ جگر، دل جي بيمارين، ايڊز، ايڇ آءِ وي ۽ ٻين ڪيترين ئي موذي بيمارين جو جديد ترين علاج جون سهولتون موجود آهن، جگر جي پيوندڪاري لاءِ پمز ۾ مرڪز کي ٻيهر فعال بڻايو ويندو، اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سيد طاهر حسين مشهدي ۽ چوڌري تنوير خان جي سوالن جي جواب ۾ ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته پمز ۾ جگر، دل جي بيمارين، ايڊز، ايڇ آءِ وي ۽ ٻين موذي بيمارين جي جديد ترين علاج جون سهولتون موجود آهن، هن چيو ته جگر جي پيوندڪاري لاءِ پمز ۾ نومبر 2010ع ۾ جگر جي پيوندڪاري جو مرڪز قائم ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ بند ڪيو ويو پر هاڻي ان کي ٻيهر فعال بڻايو پيو وڃي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:41