غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: صدر ممنون حسين

غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04جنوری2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ادارو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن جي عالمي سطح تي پذيرائي ٿي رهي آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري ياسمين مسعود ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ هئا. صدر چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وڌيڪ سگهه اختيار ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ بايوميٽرڪ نظام اختيار ڪري شفافيت جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي. صدر چيو ته هاڻي هن اداري کي وڏن ضلعن سان گڏوگڏ ڏورانهن علائقن ۾ به وڃڻ گهرجي ته جيئن غربت جو خاتمو ٿي سگهي. صدر ان ڳالهه کي ساراهيو ته وفاقي حڪومت بي آءِ ايس پي جي لاءِ 115 بلين جي رقم مخصوص ڪئي اهي جيڪا ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته حڪومت جي پهرين ترجيح ملڪ مان غربت جو خاتمو آهي. ان موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ چيو ته بي آءِ ايس پي جي سرپرست اعليٰ ۽ صدر کي اداري جي بجيٽ ۽ نيشنل سوشو اڪنامڪ رجسٽري بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته حقدار ماڻهن کي رقم جي وصولي جي لاءِ جون 2016ع کان سروي جاري آهي. ان پائليٽ پراجيڪٽ ۾ گهر گهر وڃي ماڻهن بابت معلومات وٺڻ کانپوءِ انهن جي داخلا ڪئي پئي وڃي. صدر کي ٻڌايو ويو ته رقمن جي وصولي جي طريقيڪار کي وڌيڪ شفاف ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ بايوميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ صدر کي ٽئين تجزياتي رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن کي صدر قبول ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:43