پاڪستان ايٽمي قوت رکندڙ هڪ ذميدار ملڪ آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪرسردار اياز صادق

پاڪستان ايٽمي قوت رکندڙ هڪ ذميدار ملڪ آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪرسردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي قوت رکندڙ هڪ ذميدار ملڪ آهي، دنيا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ بڻائڻ، ايٽمي عدم پکيڙ، ايٽمي سهولتن ۽ اسٽاڪ لاءِ جامع حفاظتي انتظامن جي حمايت ڪري ٿو تنهن هوندي به نيوڪليئر سپلائر گروپ جي سلسلي ۾ ڪنهن هڪ ملڪ کي پسنديده قرار ڏئي ٻين سان امتيازي سلوڪ روا نه رکڻ گهرجي، عالمي برادري بشمول ايشيائي پارلياماني اسيمبلي جي ميمبر ملڪن کي جارحيت ۽ ناانصافين جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ايشيائي پارلياماني اسيمبلي جي اقتصادي ۽ پائيدار ترقي جي معاملن بابت ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ عام طور تي خطي ۽ خاص طور تي امن ۽ خوشحالي جي قيام لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته اسان خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه آهيون، هن چيو ته پاڪستاني قوم هڪ خودار قوم آهي ۽ اسان پنهنجي سيڪيورٽي کان غافل نه آهيون ۽ ان کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، نيوڪليئر سپلائر گروپ بابت ڳالهائيندي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن واحد ملڪ کي پسنديده قرار ڏئي ٻين ملڪن سان امتيازي سلوڪ روا نه رکڻ گهرجي. عالمي پاليسين کي غير جانبداري انصاف ۽ برابري تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته قومن جي وچ ۾ امتيازي سلوڪ روا رکي دنيا کي محفوظ نٿو بڻائي سگهجي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ايٽمي هٿيار رکندڙ هڪ ذميدار ملڪ آهي ۽ دنيا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ بڻائڻ، ايٽمي عدم پکيڙ ۽ ايٽمي سهولتن ۽ اسٽاڪ لاءِ جامع حفاظتي انتظامن جي حمايت ڪري ٿو، اسپيڪر چيو ته دنيا ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته دهشتگردي دنيا جي امن لاءِ هڪ مستقل خطرو آهي ۽ پاڪستان ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران 60 هزار کان وڌيڪ معصوم شهري ان لعنت سبب شهيد ٿي چڪا آهن، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ قومي اتفاق راءِ سان دهشتگردي جي خلاف شروع ڪيل آپريشن ضرب عضب کي نمايان ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن، هن چيو ته ايشيا کي پرامن ۽ جمهوري بڻائڻ جي لاءِ فلسطين ۽ ڪشميري عوام جي حالت زار به نظر نٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته عالمي برادري بشمول ميمبر ملڪ ايشيائي پارلياماني اسيمبلي کي جارحيت، ناانصافين جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن چيو ته اسان جي پارليامينٽ مظلوم ۽ جارحيت جو شڪار ماڻهن سان مڪمل يڪهتي جو اظهار رکي ٿي ۽ عالمي برادري کان انهن جي بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪري ٿي، هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي کي ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. اسپيڪر چيو ته خطي جي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي جز آهي، هن چيو ته تازو ئي پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو شروع ٿيڻ وارو منصوبو ان پاليسي جو عنصر آهي، هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ جو منصوبو پاڪستان ۾ توانائي جي کوٽ جي خاتمي ۽ چين ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي ملڪن کي ڳنڍڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ جمهوريت، امن، سيڪيورٽي ۽ ترقي تي يقين رکي ٿو، هن چيو ته اسان جذبي ۽ مسلسل ڪوششن جي ذريعي ايشيائي ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ۽ متحد پارليامينٽ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م17:11