خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجا اختلاف ۽ تڪرار حل ڪن: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجا اختلاف ۽ تڪرار حل ڪن: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني ايشيائي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجا اختلاف ۽ تڪرار حل ڪن. هو اڱاري ڏينهن هتي شروع ٿيندڙ ايشيائي پارلياماني اسيمبلي جي اقتصادي ۽ پائيدار ترقي جي ڪميٽي جي شروعاتي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته ايشيا کي گهڻ رخا چئلينج درپيش آهن ۽ وقت اچي ويو آهي ته خطي جا سمورا ملڪ پنهنجي اندر اتحاد پيدا ڪن ۽ پنهنجي عوام کي غربت ۽ جهالت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هن چيو ته اڀرندڙ ايشيا جي وڏي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪرڻ گهرجن، رضا رباني چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جا پراڻا تڪرار حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اجلاس جي آغاز ۾ سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ مارجي ويلن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:30