شيخ آفتاب احمد پاران اٽڪ ضلعي ۾ ترقياتي اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

شيخ آفتاب احمد پاران اٽڪ ضلعي ۾ ترقياتي اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد اٽڪ ضلعي ۾ بجلي، گئس، روڊن، سيوريج، اسڪول ۽ ڪاليجن جي حوالي سان سڀني ترقياتي اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جو اجلاس وزيراعظم شڪايت سيل جي انچارج پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير چوڌري شير علي خان، قومي اسيمبلي جا ميمبر ملڪ اعتبار خان، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر شاويز خان، صوبائي اسيمبلي ميمبر مظفر اقبال، چيئرمين شيخ ناصر ۽ يونين ڪائونسل جو چيئرمين ملڪ رياست آف سدريال شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اٽڪ جي ڊي سي او سميت ضلعي جي سڀني ادارن جي سربراهن ۽ آئيسڪو جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ، جنرل مينيجر ۽ سڀني لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ضلعي اٽڪ جي مسئلن بجلي، گئس، روڊن، سيوريج اسڪيمن، اسڪول ۽ ڪاليج جي سڀنيمعاملن کي بحث هيٺ آندو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڀني ترقياتي منصوبن کي قومي جذبي تحت جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سڀني ادارن جي سربراهن خاطري ڪرائي ته هو سڀني پراجيڪٽن کي مڪمل ڪرڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندا. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:25