ملڪ ۾ سٺا ڊاڪٽر پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي ميڊيڪل جي تعليم جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

ملڪ ۾ سٺا ڊاڪٽر پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي ميڊيڪل جي تعليم جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ سٺا ڊاڪٽر پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي ميڊيڪل جي تعليم جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهو جو بهتر علاج ممڪن ٿي سگهي، اها ڳالهه هن اڱاري ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي وائيس چانسلر ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عمران مجيد سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي. صدر ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عمران مجيد کي نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس جو وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز ميڊيڪل جي شعبي ۾ وڌيڪ قدم کڻندي، صدر چيو ته ميڊيسن جو شعبو خلق خدمت جو شعبو آهي ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي پنهنجون ذميداريون خدمت خلق سمجهي سرانجام ڏيڻيون پونديون. صدر ان موقعي تي ڪجهه پرائيويٽ اسپتالن ۽ ميڊيڪل ڪاليجن جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ کي علاج جي سهولت جي لاءِ وڌيڪ نرسنگ اسپتالن جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ ۾ تربيت يافته عملي جي کوٽ پوري ڪري سگهجي. نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي وائيس چانسلر ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عمران مجيد صدر کي يونيورسٽي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هو چاهي ٿو ته پنهنجي سموري صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پيشيوراڻي ۽ بهتر انداز ۾ طبي سهولتون ڏنيون وڃن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:14