اياز صادق سان بحرين جي نيشنل گارڊز جي ڪمانڊر جي ملاقات

اياز صادق سان بحرين جي نيشنل گارڊز جي ڪمانڊر جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 03جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بحرين جي نيشنل گارڊز جي ڪمانڊر، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اسيمبلي جي ميمبر ۽ بيلاروس جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معامن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحرين جي نيشنل گارڊز جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ سلمان الخليفه سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته مسلمان ملڪن جي وچ ۾ ويجهو تعاون دهشتگردي ۽ پاڻ ۾ اختلافن سبب درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلمان دنيا ۾ امن ۽ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بحرين سان مضبوط حصيداري جي لاءِ پرعزم آهي. هن انتهاپسند عنصرن ۽ اولهه جي ميڊيا پاران اسلام کي تشدد ۽ عدم برداشت جو مذهب پيش ڪرڻ جي مذمت ڪندي اسلام جي صحيح تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:30