پاڪستان بحرين کي پنهنجو ويجهو دوست ۽ بااعتماد حصيدار تصور ڪري ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان بحرين کي پنهنجو ويجهو دوست ۽ بااعتماد حصيدار تصور ڪري ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 03جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان بحرين کي پنهنجو ويجهو دوست ۽ بااعتماد حصيدار تصور ڪري ٿو، اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل تاريخ، ثقافتي رشتن ۽ مضبوط عوامي رابطن سان ڳنڍيل آهن. هن اها ڳالهه نيشنل گارڊ آف بحرين جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه سان ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مارچ 2014ع ۾ شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جو دورو يادگار هو جنهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جون نيون راهون کوليون. وزيراعظم چيو ته بحرين ۾ پاڪستاني برادري ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ پاڪستان ۽ بحرين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه پاران نيڪ خواهشون پهچايون. هن چيو ته بحرين ۽ پاڪستان ڀائر ملڪ آهن ۽ ويجهي اقتصادي ۽ واپاري رابطن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ ڪنگ حمد نرسنگ يونيورسٽي جي فراخدلاڻي تحفي تي شاهه حمد بن عيسيٰ جا ٿورا مڃيا. هن ان منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي پڻ سندس ٿورا مڃيا. ليفٽيننٽ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ چيو ته گڏيل وزارتي ڪميشن جي لاءِ گڏيل اقتصادي ڪائونسل جي مجوزه اپ گريڊيشن ٻطرفن رابطن جي فروغ لاءِ مثبت اڳڀرائي آهي. هن چيو ته جنوري 2017ع جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستاني نيول چيف جو بحرين جو دورو ٻطرفي نيول تعاون جي فروغ ۾ اهم هوندو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:27