ڪشمير بابت ٻن ڏينهن وارو انٽرنيشنل پارليامينٽري سيمينار سڀاڻي ٿيندو

ڪشمير بابت ٻن ڏينهن وارو انٽرنيشنل پارليامينٽري سيمينار سڀاڻي ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 03جنوری2016ء) ڪشمير بابت ٻن ڏينهن وارو انٽرنيشنل پارليامينٽري سيمينار (سڀاڻي) خميس تي ٿيندو. سيمينار جو اهتمام ينگ پارليامينٽرينز فورم ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب 5 ۽ 6 جنوري تي ٿيندڙ سيمينار ۾ يورپ ۽ اتر آمريڪا مان پينلسٽس کانسواءِ ڪشمير بابت ناليوارا مقرر ۽ اسڪالر شرڪت ڪندا. شرڪت ڪندڙ ڪشمير تڪرار جي مختلف رخن تي بحث ڪندا. ٻن ڏينهن وارو سيمينار پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز جي آڊيٽوريم ۾ ٿيندو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:58