سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت فنڪشنل ڪميٽي ۽ بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس

سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت فنڪشنل ڪميٽي ۽ بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 03جنوری2016ء) سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت فنڪشنل ڪميٽي ۽ بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ بابت معاملي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس جي صدارت گڏيل طور تي اختيارن جي منتقلي بابت فنڪشنل ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهي ۽ سينيٽ جي بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مشاهد الله خان ڪئي. اجلاس ۾ سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي، نثار محمد، تاج حيدر، محمد علي سيف، محمد عثمان خان ڪاڪڙ، چوڌري تنوير خان، عطاءُ الرحمان، مختيار احمد ڌامراهه، سسئي پليجو، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، ڪابينا ڊويزن جي سيڪريٽري، بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اختيارن جي منتقلي بابت فنڪشنل ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهي چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل پارلياماني نظام جي دل ۽ وفاق جو اهم ٿنڀ آهي. ان ٿنڀ کي مضبوط ڪرڻ کانسواءِ وفاق ۽ ڌرين ۾ تعاون نه ٿو وڌائي سگهجي. هر حال ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو سيڪريٽريٽ ٻن مهينن ۾ ٺاهڻو پوندو. ڪميٽي متفقه طور تي تجويز ڏني ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو سيڪريٽريٽ خودمختيار ۽ آزاد هجڻ گهرجي. سيڪريٽريٽ ڪنهن به وزارت سان واڳيل ۽ ماتحت نه هجي. صوبائي حڪومت جو نامزد ڪيل نمائندو واري واري سان سيڪريٽريٽ جي سربراهي ڪري. بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو نالو تبديل ڪرڻ بدران آئين تحت وڌيڪ مضبوط ڪري فنڊن ۾ اضافو ڪيو وڃي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو سيڪريٽريٽ پنهنجي اجلاسن بابت ساليانو ڪيلنڊر جاري ڪري. آئين ۾ ڏنل صوبن ۽ وفاق جي 19 معاملن ۽ شعبن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نگراني هيٺ ئي رهڻ گهرجي. سينيٽر تاج حيدر تجويز ڏني ته 19 شعبن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سيڪريٽريٽ ۾ جدا جدا ورهايو وڃي. سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي چيو ته آئين جي روح تي عمل ڪندي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو وڃي. سينيٽر محمد علي سيف چيو ته وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين تحت صدر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نامزدگي ڪندو آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ڪم پاليسي ٺاهي عمل ڪرائڻ آهي. سينيٽر نثار محمد مالاڪنڊ چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ڪردار سان وفاق جي عڪاسي ٿيڻ گهرجي ۽ تجويز ڏني ته ملينيم ڊولپمينٽ گولز جي فنڊن جي بين الصوبائي رابطن واري وزارت ذريعي ورڇ جي حڪمت عملي ٺاهي وڃي. سينيٽر سسئي پليجو چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي خودمختيار ۽ آزاد هجڻ گهرجي. آئين ۾ مڪمل وضاحت موجود آهي. سينيٽ مان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس منعقد ڪرڻ جي قرارداد پڻ منظور ٿي چڪي آهي. سينيٽر عثمان خان ڪاڪڙ چيو ته 18 هين ترميم تي عوام ۽ سياسي پارٽيون متفق آهن. بنيادي پاليسي جي فيصلن جي اداري جو مستقل سيڪريٽريٽ جلد قائم ڪيو وڃي. بين الصوبائي راطن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سيڪريٽريٽ جو قيام آئيني معاملو آهي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ڪابينا ڊويزن وٽ بين الصوبائي رابطن ۽ قانون ۽ انصاف وارين وزارتن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سمري آخري منظوري جي لاءِ موڪلي وئي آهي. سيڪريٽريٽ ۾ چئني صوبن مان گريڊ 20 جا آفيسر پنهنجي پنهنجي صوبن جي معاملن لاءِ مقرر ٿيندا. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:57