پاڪستان خطي جي سمورن ملڪن سان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان خطي جي سمورن ملڪن سان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 03جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو آهي ته پاڪستان خطي جي سمورن ملڪن سان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿو ۽ ان سان گڏيل طور تي فائديمند ۽ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي پنهنجي پاڙيسرين ۽ تزويراتي حصيدارن سان لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پرڏيهي لاڳاپن جي حوالي سان مختلف چئلينجن جي جواب ۾ پاليسي آپشنز جو پڻ جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران علائقائي، اندروني ۽ ٻاهرئين سلامتي جي صورتحال بابت معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. پاڙيسري ملڪن سان ٻطرفن ۽ ڊگهي مدي وارن لاڳاپن، علائقائي استحڪام جي لاءِ آئنده جي روڊ ميپ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر سمورن ملڪن سان گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا برقرار رکڻ جو پڻ جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ لاڳيتو ڪوششن ۽ جاني ۽ مالي قربانين جا مثبت نتيجا نڪتا آهن جن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته پرامن گڏيل بقاءَ، گڏيل احترام ۽ اقتصادي طور تي مضبوط خطو اسان جو گڏيل مقصد هجڻ گهرجي ۽ اسان کي ان مقصد جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اهو ان ئي صورت ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان امن، ترقي ۽ خوشحالي جي پنهنجي خواهشن سان وابستگي جو مظاهرو ڪريون. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه علائقي ۾ مواصلاتي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي اسان جي جستجو جو محور آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، چيف آف آرمي اسٽاف قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ نويد مختار، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جي خصوصي معاون طارق فاطمي، قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، وزيراعظم جي سيڪريٽري ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:29