صدر پاران چيني هم منصب پاران سالگرهه تي نيڪ خواهشن تي ٿورا

صدر پاران چيني هم منصب پاران سالگرهه تي نيڪ خواهشن تي ٿورا

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 03جنوری2016ء) صدر ممنون حسين چيني هم منصب پاران سالگرهه جي موقعي تي نيڪ خواهشن جي پيغام تي ٿورا مڃيندي چيو آهي ته هو پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ذاتي دلچسپي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي دوستي مضبوط بنيادن تي قائم آهي ۽ ٻئي ملڪ نه رڳو بااعتماد دوست پر اسٽريٽجڪ پارٽنر پڻ آهن. چيني صدر پنهنجي پيغام ۾ صدر ممنون حسين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان سان جون مهيني ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس تاشقند ۾ پنهنجي ملاقات ۽ فائديمند ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي چيو ته هو پاڪ چين دوستي کي لاڳاپن جي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي ٿورائتو آهي. صدر ممنون حسين پنهنجي جواب ۾ چيني صدر ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:23