سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02جنوری2016ء) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽر جاويد عباسي جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر فرحت الله بابر پاران اٿاريل معاملي جنهن ۾ نيب آرڊيننس 1999ع جي شق 25 تحت رضاڪاراڻي رقم جي واپسي پلي بارگين تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران سينيٽر فرحت الله بابر ڳالهائيندي چيو ته نيب جي قانون کي سياسي دٻاءُ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، قانون جو جائزو وٺي سگهجي ٿو ۽ ان ۾ تبديلي به ٿي سگهي ٿي. اجلاس دوران نيب جي نمائندن رضاڪاراڻي واپسي ۽ پلي بارگيننگ جي قانون بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هي ڪو نئون قانون نه آهي، سڄي دنيا جي احتساب بيورو ۾ اهو قانون موجود آهي. هنن ٻڌايو ته رضاڪاراڻي واپسي ۽ پلي بارگيننگ قانون موجب 4565 ڏوهارين کان 37.120 بلين رقم وصول ڪئي آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن تي ٻڌل پارليامينٽ جي هڪ گڏيل ڪميٽي جوڙي وئي آهي ڄاڻايل ڪميٽي نيب جي سيڪشن 25 سميت سمورن قانونن جو جائزو وٺي رهي آهي. اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته هي بهتر وقت آهي ته ڪميٽي نيب قانونن جو جائزو وٺي ٺوس نيب قانون تيار ڪري. ڪميٽي سينيٽر سسئي پليجو ۽ سينيٽر مختيار ڌامراهه پاران پيش ڪيل آئين ۾ (ترميم) بل 2016ع جو پڻ جائزو ورتو. اجلاس دوران ڳالهائيندي سسئي پليجو چيو ته علائقائي زبانن کي مناسب جاءِ ملڻ گهرجي ان سان وفاق مضبوط ٿيندو ۽ قومي يڪجهتي کي پڻ فروغ ملندو. اجلاس دوران سينيٽر ڪريم احمد خواجه پڻ اهڙي قسم جو بل ڪميٽي آڏو پيش ڪيو. ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ ٻنهي بلن تي غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته علائقائي زبانن تي ڌيان ڏيڻ سان ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ صوبن ۾ احساس محرومي جو خاتمو ٿيندو. اجلاس ۾ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن کانسواءِ سينيٽر سليم ضياءَ، مسز زاهده خان، فاروق ايڇ نائيڪ، ڊاڪٽر محمد علي خان سيف، فرحت الله بابر، سسئي پليجو ۽ مختيار احمد ڌامراهه سميت قانون واري وزارت، نيب ۽ ٻين ادارن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک 20:45